| ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ پاڻي بيٺل: ميئر جو دورو |
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي مختلف علائقن مان برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيو، اورنگي ٽائون، شيرشاھه، بلديه ٽائون سميت مختلف علائقن مان برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ واري شڪايتن بعد ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب مختلف علائقن جو دورو ڪري شهري ۾ برسات جي بعد واري صورتحال جو جائزو ورتو. ان موقعي تي مرتضيٰ وهاب چيو ته ماضي جي ڀيٽ ۾ هاڻوڪي برسات بعد صورتحال ڪافي بهتر آهي. انتظاميا بروقت ريسڪيو آپريشن مڪمل ڪيو. هن چيو ته انتظاميا متحرڪ هجڻ ڪري برسات جي ٻئي اسپيل کي بهتر انداز ۾ منهن ڏنو ويو. هن چيو ته شهر ۾ ڪافي ننڍيون ننڍيون شڪايتون موجود آهن، جن کي فوري طور تي حل ڪرڻ جون هدايتون ڏنيون آهن.