ڪراچي جي مسئلن کان آگاهه آهيون، نعرن سان ڪجهه نه ٿيندو: شرجيل

ڪراچي جي مسئلن کان آگاهه آهيون، نعرن سان ڪجهه نه ٿيندو: شرجيل

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته حقيقتن جي ابتڙ، نفرت تي ٻڌل بيانن ۽ سوشل ميڊيا جي سستا نعرا هڻڻ سان تاريخ تبديل نٿي ڪري سگهجي۔ھڪ بيان ۾ هن چيو ته ڪراچي جي مسئلن کان پاڪستان پيپلز پارٽي نه ڪڏهن غافل رهي آهي ۽ نه ئي اڄ آهي، پاڻي، سيوريج، روڊ ۽ انفرااسٽرڪچر جا مسئلا اهي آهن، جيڪي اڳوڻين نام نهاد شهري حڪومتن جي ڏهاڪن تي پکڙيل غفلت سبب پيدا ٿيا۔ پيپلز پارٽي ئي اها واحد جماعت آهي، جيڪا عملي قدمن ذريعي عوام جي زخمن تي مرهم رکي رهي آهي، ڪي-فور، سالڊ ويسٽ مينيجمينٽ، بس سروسز ۽ وڏا ترقياتي منصوبا حڪومتي ڪوششن جو واضح ثبوت آهن۔ سنڌ حڪومت هميشه وسيلن جي منصفاڻي ورڇ تي يقين رکي ٿي، ڪراچي جو پئسو ڪراچي تي ئي خرچ ڪيو پيو وڃي، سنڌ جا سرڪاري اسپتال نه رڳو جديد سهولتون فراهم ڪري رهيا آهن پر انهن جو ماڊل ٻين صوبن لاءِ به مثال بڻجي رهيو آهي۔ هن وڌيڪ چيو ته پيپلز پارٽي هميشه وفاق جي مضبوطي، صوبائي خودمختياري ۽ عوامي ڀلائي کي اوليت ڏني آهي، سنڌ جو باشعور عوام چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو ته ڪير سندن خدمت ڪري رهيو آهي ۽ ڪير رڳو بيانن جي سياست ذريعي پنهنجون ناڪاميون لڪائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي۔