ڪراچي جي يونين ڪاميٽين کي 3 ارب اضافي ملڻ جو انڪشاف: خرچن جي رپورٽ لازمي قرار ڏيڻ جو اعلان

ڪراچي جي يونين ڪاميٽين کي 3 ارب اضافي ملڻ جو انڪشاف: خرچن جي رپورٽ لازمي قرار ڏيڻ جو اعلان

ڪراچي (رپورٽ: شاھد ميراڻي) سنڌ اسيمبلي ۾ ڪراچي اندر ھڪ سال دوران ٽريفڪ جي مختلف حادثن ۾ اڍائي سئو کان وڌيڪ ماڻھو فوت ٿيڻ ۽ شھر جي 240 کان وڌيڪ يونين ڪميٽين کي 3 ارب رپيا اضافي بجيٽ ملڻ جو انڪشاف ٿيو آھي، گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار چيو آهي ته سنڌ سرڪار ڪراچي ۾ ٽريفڪ نظام کي بهتر بڻائڻ ۽ حادثن کي گهٽائڻ لاءِ تمام گهڻي سنجيدگي سان ڪم ڪري رهي آهي، پر افسوس ته ڪجهه سياسي پارٽيون هن مسئلي تي حڪومتي ڪوششن ۾ شامل ٿيڻ بدران صرف سياسي پوائنٽ اسڪورنگ ۾ مصروف آهن. گذريل ڏهاڙي سنڌ اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر اويس قادر شاهه جي صدارت هيٺ ٿيو، اجلاس ۾ ايم ڪيو ايم ميمبر معاذ محبوب ڌيان ڇڪايو نوٽيس ۾ سوال ڪيو هو ته ڪراچي ۾ هيوي ٽريفڪ سبب ٿيندڙ حادثن کي روڪڻ لاءِ ڪهڙا قدم کنيا ويا آهن؟، جنهن جي جواب ۾ گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار اعتراف ڪيو ته اهو سچ آهي ته هر روز هيوي ٽريفڪ سبب حادثا ٿي رهيا آهن، هلندر سال 250 ماڻهو پنهنجون زندگيون وڃائي چڪا آهن، حڪومت هن صورتحال کان مڪمل طور تي واقف آهي. جمعي ڏينهن، هن معاملي تي ايوان جي هڪ ڪميٽي ٺاهي وئي. ٽرئفڪ جي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو. پر افسوس جي ڳالهه آهي ته ڪجهه سياسي پارٽيون ان تي سياسي پوائنٽ اسڪور ڪري رهيون آهن. هن چيو ته ٽرئفڪ قانون جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي هڪ ٽرالر کي 100,000 رپين جو چالان جاري ڪيو ويو آهي. هڪ ٽريلر جو ڏينهن ۾ ٽي ڀيرا چالان ڪيو ويو آهي. هن ايوان کي ٻڌايو ته ڪراچي ۾ 12,000 کان وڌيڪ ٽرڪن ۽ ڊمپرن تي ٽريڪر لڳايا ويا آهن. هن چيو ته موٽرسائيڪل سوار هيلمٽ استعمال نٿا ڪن، آگاهي مهم جي باوجود، ڪو به هيلمٽ پائڻ لاءِ تيار ناهي. ايم ڪيو ايم جي عبدالباسط پنهنجي ڌيان ڇڪايو نوٽيس ۾ شڪايت ڪئي ته يونين ڪائونسلن جا پئسا پنج لک کان وڌائي ٻارهن لک ڪيا ويا آهن، پر ڪٿي به ڪو ڪم ٿيندي نظر نٿو اچي. جڏهن ماڻهو ڪنهن به چيئرمين وٽ ويندا آهن ته انهن کي ٻڌايو ويندو آهي ته فنڊ نه آهن. هن چيو ته جيستائين يوسي چيئرمينن جو احتساب نه ڪيو وڃي، ڪرپشن ختم نه ٿي سگهي. پارلياماني سيڪريٽري لوڪل گورنمينٽ سراج قاسم سومرو چيو ته مان معزز ميمبر جي تجويز کي مثبت وٺان ٿو، گذريل بجيٽ ۾ يوسيز جا پئسا وڌا ويا آهن. هڪ ٻي حقيقت اها آهي ته يوسيز کي استعمال جي رپورٽ کانسواءِ پئسا ملندا آهن، پر هاڻي اسان استعمال جي رپورٽ کي لازمي بڻائڻ وارا آهيون. ايم ڪيو ايم جي شارق جمال پنهنجي ڌيان ڇڪايو نوٽيس ۾ چيو ته منهنجي تڪ پي ايس 90 ۾ معين آباد، ايف-ساؤٿ جا علائقا پيئڻ جي پاڻي کان محروم آهي. پاڻي جي کوٽ سبب پاڻي گڏهه گاڏين تي وڪرو ڪيو ويندو آهي. پارلياماني سيڪريٽري لوڪل گورنمينٽ سراج قاسم سومرو چيو ته اسان واٽر بورڊ کي پاڻي جي لائن کي درست ڪرڻ لاءِ چيو آهي. پمپنگ اسٽيشن کي به ڊمپنگ پليس ۾ تبديل ڪيو ويو آهي. هي لائن ڪراچي اگمينٽيشن ۾ وڇائي وئي آهي. ڏهه انچ جي لائن کي وڏو ڪيو ويندو. ايوان جي ڪارروائي دوران، ايم ڪيو ايم جي عامر صديقي اي-چالان سان لاڳاپيل پنهنجي هڪ التوا جي تحريڪ واپس وٺي ڇڏي، جڏهن گهرو وزير ان جي مخالفت ڪئي ۽ وضاحت ڪئي ته هن معاملي تي ايوان جي هڪ ڪميٽي اڳ ئي ٺاهي وئي آهي. اسپيڪر اجلاس اڄ اڱاري ڏينهن 2:30 وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.