| ڪراچي جي ٽريول ايجنٽ جو اغوا ڊرامو نڪتو |
ڪراچي( اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي ٽريول ايجنٽ جو اغوا ڊرامو نڪتو، اي وي سي سي، سي آ۽ اي ۽ سي پي ايل سي گڏيل طور ڪارروائي ڪندي 48 ورهين جي انعام الحسن کي بازياب ڪرايو, ايس ايس پي اي وي ايل سي جي ترجمان موجب 30 جولاءِ تي ٽريول ايجنٽ انعام الحسن کي نا معلوم اغوا ڪندڙن رڪشا ۾ اغوا ڪيو، سندس آزادي لاءِ 15 لک رپيا ڀنگ طلب ڪيو هو، پوليس منگهوپير ٿاڻي جي حد ۾ چوڪي ناڪي ۾ موجود مسجد اقصي’ جي حجري مان انعام الحسن کي بازياب ڪري ڀنگ گهرڻ وارو موبائل فون هٿ ڪري ورتو، ٽريول ايجنٽ ٻڌايو ته هن ڪيترن ئي ماڻهن کان عمري موڪلڻ بهاني لکين رپيا ورتا آهن, جيڪا رقم خرچ ٿي چڪي آهي, ان ڪري اغوا جو ڊرامو رچايو هو