ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) ڪراچي جي 246 يونين ڪميٽين کي او زيڊ ٽي شيئر جي مد ۾ماهوار 29 ڪروڙ 52 لک رپيا ملڻ باوجود ڪارڪردگي ناقص هجڻ جو انڪشاف، پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽي پاران ميئر ڪراچي جي سفارش تي ڪراچي جي سمورين يوسيز کي ملندڙ ماهوار بجيٽ ۽ خرچن جا تفصيل طلب، شهر جي سمورن ٽائون ميونسپل ڪارپوريشنز پاران روڊ ڪٽنگ جي مد ۾ اوڳاڙيل رقم جا به تفصيل گهريا ويا، 246 يونين ڪاميٽين جي فنڊن ۽ خرچن جي آڊٽ ڪرائڻ جو حڪم ڏنو ويو، ان حوالي سان ڪجهه ڏينهن اڳ ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽي جي اختيارين کي سفارشي خط لکيو هو ته سنڌ سرڪار پاران ڪراچي جي 246 يونين ڪاميٽين کي او زيڊ ٽي شيئر جي مد ۾ ماهوار ملندڙ 29 ڪروڙ 52 لک رپين جي آڊٽ ڪرائي وڃي. ميئر ڪراچي جي اهڙي سفارش تي پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽي جي چيئرمين نثار کهڙو مڪاني کاتي ۽ ڊي جي لوڪل فنڊ آڊٽ کي خط لکي هدايت ڪئي آهي ته شهر جي 246 يونين ڪاميٽين کي 3سالن دوران مليل رقم جي آڊٽ ڪري رپورٽ پيش ڪئي وڃي. پي اي سي هدايت ڪئي ته يونين ڪاميٽين کي ماهوار ملندڙ 12_12 لک رپين جي استعمال، خاص طور تي خرچن، پگهارن ۽ ترقياتي ڪمن جي آڊٽ ڪري تفصيل فراهم ڪيا وڃن. خط ۾ لکيو ويو آهي ته يوسيز کي ملندڙ فنڊن جي استعمال بابت ڪنهن کي ڪا به خبر ناهي، اها رقم ڪٿي خرچ پئي ٿئي؟ ان حوالي سان پي اي سي چيئرمين نثار کهڙو چيو آهي ته سنڌ حڪومت هيٺين سطح تائين فنڊ جاري ڪري عوامي بهتري لاءِ ڪم ڪري پئي، اها رقم به درست طريقي سان استعمال ٿيڻ گھرجي. هن چيو ته جيڪڏهن آڊٽ ۾ رقم جي هيراڦيري وارو معاملو سامهون آيو ته قانون موجب ڪاروائي ڪئي ويندي. پي اي سي اختيارين پاران لاڳاپيل اختيارين کي پابند ڪيو ويو آهي ته ڪراچي جي ٽائون ميونسپل ڪارپوريشنز کي روڊ ڪٽنگ چارجز جي مد ۾ مليل رقم جي استعمال جا به تفصيل فراهم ڪيا وڃن.