| ڪراچي: خوني رڪشا موٽر سائيڪل سوار کي ماري ڇڏيو |
ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ خوني رڪشا موٽر سائيڪل سوار کي ماري ڇڏيو، ان ڏس ۾ نارٿ ناظم آباد ۾ رڪشا ۽ موٽر سائيڪل ۾ ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ نوجوان فوت ٿي ويو ۽ سندس ڀاءُ زخمي ٿي پيو. پوليس موجب فوتي جي سڃاڻپ شاهزيب ۽ زخمي ڀاءُ جي سڃاڻپ جهانزيب جي نالي سان ٿي، فوتي جي لاش ۽ زخمي کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.