ڪراچي: خوني مين هول هڪ وڌيڪ معصوم ٻالڪ جي حياتي کسي ورتي: 14 ڪلاڪ ڌرڻو

ڪراچي: خوني مين هول هڪ وڌيڪ معصوم ٻالڪ جي حياتي کسي ورتي: 14 ڪلاڪ ڌرڻو

ڪراچي (رپورٽ: حبيب جمالي) ڪراچي ۾ ٽن سالن جو معصوم ٻارڙو کليل مين هول ۾ ڪري پيو، انتظاميه غائب، شهرين جو روڊ تي ڌرڻو، باهيون: روڊ بلاڪ   14 ڪلاڪن بعد ٻارڙي جو لاش مليو، والدين بيحال، نيپا پل وٽ افسوسناڪ واقعو پيش آيو، ان ڏس ۾ شهري نبيل پنهنجي زال ۽ 3 ورهين جي پٽ ابراهيم سان گڏ شاپنگ مال مان شاپنگ ڪرڻ بعد ٻاهر نڪتو، انهي دوران  معصوم ابراهيم شاپنگ مال ٻاهران مين هول ۾ ڪري پيو، والدين ابراهيم کي بچائڻ لاءِ رڙيون ڪندا رهيا پر انتظاميه نه پهتي، شهرين الزام هنيو ته انهن مسواڙ تي ڪرين گهرائي کوٽائي ڪرائي پر ٻارڙو نه مليو، ابراهيم جي ماءُ مين هول ڀرسان روئندي رهي، جنهن بعد شهرين روڊ تي ڌرڻو هنيو ۽ سخت نعريبازي ڪئي. ريسڪيو 1122 جي ٽيم پهچي  ڳولا شروع ڪئي، سڄي رات آپريشن جاري رهيو، صبح جو ريسڪيو ٽيم  ٻيهر ريسڪيو آپريشن شروع ڪيو، 14 ڪلاڪن بعد ڪچرو ميڙيندڙ نوجوان جي نشاندهي تي اڌ ڪلوميٽر پري ٻارڙي جو لاش هٿ ڪيو ويو، لاش اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو. ٻارڙي جي والد موجب آئون شاپنگ مال ٻاهران پارڪنگ ايريا وٽ ويس ته ابراهيم منهنجي پويان ڊوڙندو آيو جيڪو کليل مين هول ۾ ڪري پيو، انتظاميا اسان جي مدد نه ڪئي، ريسڪيو ٽيم پهتي ته ان وٽ مشينري نه هئي، اسان کي مشينري به نه ملي
 

ڪراچي کي بگهڙن حوالي: شهر ۾ ڌوڙ پئي اڏامي: حافظ نعيم   

ڪراچي: جماعت اسلامي پاڪستان جي امير  حافظ نعيم الرحمن چيو آهي ته ريڊ لائين جي نالي تي اهلِ ڪراچي جي تذليل ٿي رهي آهي، ريڊ لائن جو 30 سيڪڙو به ڪم مڪمل ناهي، ڪالهه  پريس ڪانفرنس ڪندي ھن چيو ته سڄو ڪراچي مٽي ۽ ڌوڙ ۾ ٻڏل آهي،  متبادل رستا به ناهن، سنڌ حڪومت ڪرپشن ۽ نااهلي جو شاهڪار بڻيل آهي، پنهنجي مرضي جون ترميمون ڪرائيندڙ سنڌ حڪومت جا سرپرست اعلى آهن، سنڌ حڪومت 15 سالن ۾ ڪراچي جا 3360 ارب کائي چڪي آهي، پيپلز پارٽي قبضو مافيا بڻجي وئي آهي، ڪراچي کي بگهڙن حوالي ڪيو ويوآهي
 

معصوم ابراهيم جو لاش ڪڍندڙ خاڪروب کي پوليس آفيسرن چماٽون وهائي ڪڍيون! 
 

ڪراچي: معصوم ابراهيم جو لاش ڪڍندڙ خاڪروب جو چوڻ آهي ته پوليس آفيسرن کيس ٿڦڙون هنيون . هن چيو ته مون ٻالڪ جو لاش ڪڍي سندس چاچي کي ڏنو. پوليس اهلڪار پڇڻ لڳا ته توهان ڪير آهيو؟ مون انهن کي ٻڌايو ته مون ٻار جو لاش ڪڍيو آهي، جنهن تي انهن مون کي ٿڦڙون هينون
 

  ٻالڪ مرڻ جي ذميوار جماعت اسلامي: ميئر پاران جاچ جو حڪم 

ڪراچي: ڪراچي جي  ميئر مرتضيٰٰ وهاب چيو آهي ته ڪالهه رات نيپا چورنگي ويجهو ٻالڪ ڪرڻ  وارو مين هول سيوريج نه پر برساتي نالي جو هو، آئون  ڏک جي گهڙي ۾ نينگر جي وارثن سان گڏ آهيان، پر معاملي کي سياسي بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته مون کي ماءُ ۽ پيءُ جي تڙپ جو احساس آهي ، آئون  پونئرن سان افسوس جو اظهار ڪريان ٿو، متاثر خاندان جي هر ممڪن مدد ڪئي ويندي، هن چيو ته  ڪالهه رات کان انهي معاملي تي سياست جي ڪوشش ڪئي وئي، جيڪا ڏاڍي بدقسمت شيءِ آهي. مون ايم ڊي واٽر ڪارپوريشن کي جاچ جو حڪم ڏنو آهي ته ڪنهن مشنري آڻڻ کان روڪيو؟ جيڪڏهن ائين آهي ته قانوني ڪارروائي ڪنداسين ۽ جيڪڏهن عملي جي ڪوتاهي ثابت ٿي ته سندن خلاف پڻ ڪارروائي ڪئي ويندي. مرتضيٰٰ وهاب چيو ته گذريل هڪ سال دوران 88 هزار مين هول ڪور لڳايا ويا آهن، واٽر ڪارپوريشن يو سي چيئرمينز کي 55سيڪڙو ڍڪڻ ڏنا آهن، انڪوائري ڪرائيندس ته شهر جي وچ ڊپارٽمينٽل اسٽور ۽ اسپتال  ڀرسان مين هول ڪيئن کليل هو؟ مين هول ڪيترن ڏينهن کان کليل هو يا کوليو ويو هو؟ اهو چيڪ ڪيو ويندو. مرتضيٰٰ وهاب وڌيڪ چيو ته گلشن اقبال جو ٽائون چيئرمين جماعت اسلامي جو آهي، جيڪڏهن مان چوان ته ذميواري جماعت اسلامي جي آهي ته ماڻهو ڪاوڙجي ويندا، منافقت کي ظاهر ڪرڻ کان پٺتي نه هٽندس.