ڪراچي: خوني ٽينڪر ٻالڪ سميت 2 ڄڻن کي چيڀاٽي ڇڏيو

ڪراچي: خوني ٽينڪر ٻالڪ سميت 2 ڄڻن کي چيڀاٽي ڇڏيو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي  جي پوش ايريا ڊفينس ۾ خوني ٽينڪر  ٻالڪ سميت 2 ڄڻن کي چيڀاٽي ڇڏيو، ان ڏس ۾ اختر ڪالوني سگنل ويجهو خوني ٽينڪر 12سالن جي ٻالڪ ۽ 20 سالن جي نوجوان کي چيڀاٽي ڇڏيو، پوليس ايمبولينس ذريعي مڙهه اسپتال منتقل ڪيا، آخري اطلاعن موجب ٻنهي لاشن جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي هئي،  ڪراچي ۾ هلندڙ سال جي 3 مهينن دوران 81 شهري هيوي گاڏين هٿان  اجل  جو شڪار ٿيا