| ڪراچي رينجرز ڪيمپ حملو: ڪليئرنس آپريشن مڪمل: 3 دهشتگرد مارجي ويا:3 اهلڪار شهيد |
ڪراچي(رپورٽ: حبيب جمالي) ڪراچي جي موسميات واري علائقي ۾ دهشتگردن جو رينجرز ڪيمپ تي حملي وارو معاملو، ڪليئرنس آپريشن مڪمل، 3دهشتگرد مارجڻ جي تصديق، هڪ افغاني دهشتگرد زخمي حالت ۾ گرفتار، 3 اهلڪار شهيد ٿي ويا، 4 زخمي، ان ڏس ۾ آءِ ايس پي آر ڄاڻايو آهي ته ڀارتي حمايت يافته دهشتگرد گروپ جماعت الاحرار رينجرز جي هڪ ڪيمپ تي دهشتگرد حملو ڪيو، جنهن کي سيڪيورٽي فورسز وقت سر ڪارروائي ڪندي ناڪام بڻائي ڇڏيو، مقابلي ۾3 دهشتگرد مارجي ويا، جڏهن ته هڪ افغاني دهشتگرد کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو، فائرنگ ۾ 3 اهلڪار شهيد ۽ 4 زخمي ٿي پيا. اکين ڏٺن شاهدن موجب بزدل دهشتگردن علائقي ۾ لوڊشيڊنگ ٿيڻ وقت اونداهي ۾ گيٽ تي ڌماڪو ڪيو ۽ اندر داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي، ڌماڪي جو آواز پري پري تائين ٻڌو ويو. آءِ ايس پي آر موجب 27 جون تي حملي آورن ڪيمپ جي مرڪزي گيٽ تي ڌماڪو ڪرڻ کانپوءِ اندر داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي، رينجرز جي جوانن فوري ۽ مؤثر جواب ڏيندي3 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو، جڏهن ته هڪ حملي آور کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ورتو، جيڪو افغاني آهي. آءِ ايس پي آر موجب فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ پاڪستان رينجرز جا 3 جوان شهيد ۽ 4 اهلڪار زخمي ٿيا. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته علائقي ۾ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي ۽ ويزن عزمِ استحڪام تحت سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي دهشتگردي خلاف مهم پوري قوت سان جاري رهندي پاڪستان پنهنجن شهيدن جي رت جو بدلو وٺڻ لاءِ حملي جي ذميوار عنصرن خلاف جوابي ڪارروايون ڪندو. هوڏانهن پاڪستان رينجرز (سنڌ) جي شهيد ٿيل بهادر جوانن جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي، جنهن ۾ وفاقي گهرو وزير محسن نقوي، گورنر نهال هاشمي، وڏي وزير مراد علي شاهه، ڊي جي رينجرز، شهيدن جي وارثن سميت سينيئر سول ۽ فوجي آفيسرن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو ته دهشتگردي جو هي واقعو انتهائي افسوسناڪ آهي،انهي جو مڪمل حساب ورتو ويندو. دهشتگرد عنصر جتي به هوندا، سيڪيورٽي فورسز سندن پيڇو ڪري کين انجام تائين پهچائينديون. انهي کان اڳ گهرو وزير محسن نقوي سنڌ جي گورنر سان گڏ انهي هنڌ جو به دورو ڪيو، جتي دهشتگرد حملو ڪيو ويو هو.
| ڪراچي حملي ۾ شهيد هڪ جوان جو پنگريي سان تعلق، مٽي ماءَ حوالي |
پنگريو (ن پ ا) پنگريو ڀرسان ڳوٺ رستم پٺاڻ واسي نوجوان رينجرس اھلڪار دلنواز پٺاڻ ڪراچي ۾ دھشتگردن جي رينجرس تنصيبات تي حملي ۾ شھيد ٿي ويو جنھن جو مڙھ ڪراچي کان سندس ڳوٺ رستم پٺاڻ ۾ ٻن رينجرس جي گاڏين جي پروٽوڪول ۾ ايمبولينس ۾ آندو ويو جتي سندس عزيزن کي شھيد جو آخري ديدار ڪرايو ويو جنھن کانپوء فوجي اعزاز سان گڏ کيس اباڻي قبرستان پير بودلو ۾ مٽي ماء حوالي ڪيو ويو
| دهشتگردن جا ناپاڪ ارادا ڪامياب ٿيڻ نه ڏبا: زرداري |
ڪراچي: صدر آصف زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف ڪراچي ۾ دهشتگرد حملي جي مذمت ڪئي آهي،صدر آصف زرداري چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستاني قوم پنهنجي بهادر شهيدن جون قربانيون ڪڏهن به نه وساريندي، پرڏيهي سرپرستي ۾ سرگرم دهشتگردن جا ناپاڪ ارادا ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين، قوم سڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي گڏ بيٺل آهي، هوڏانهن وزيراعظم شهباز شريف چيو ته سيڪيورٽي فورسز دهشتگردن جا ناپاڪ ارادا مٽي ۾ ملائي ڇڏيا، آپريشن دوران شهيد ٿيل جوانن کي قوم سلام پيش ڪري ٿي، سندن قربانيون هميشه ياد رکيون وينديون.ٻئي طرف چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز شهيدن جي وارثن سان دلي تعزيت جو اظهار ڪندي چيو آهي ته انهن عظيم قربانين هر قيمت تي وطن جي دفاع جي قومي عزم کي وڌيڪ مضبوط ڪيو آهي.