| ڪراچي: ريڊ لائين بعد ڪي 4 جا پائيپ وڇائڻ وارو ڪم عالمي بينڪ جي اعتراض سبب بند |
ڪراچي(رپورٽ: الطاف چنا )ريڊ لائين بي آر ٽي منصوبو ۾ دير بعد ڪراچي واسين لاءِ هڪ ٻي پريشاني سامهون اچي وئي، يونيورسٽي روڊ تي ڪي 4 رٿا جي آگمينٽيشن جو ڪم رڪجي ويو. اهو فيصلو ورلڊ بينڪ جي اعتراضن ۽ منصوبي جي روٽ ۾ تجويز ڪيل تبديلي سبب ڪيو ويو آهي، ذريعن موجب يونيورسٽي روڊ تي ڪي 4 منصوبي تحت هلندڙ آگمينٽيشن جو ڪم ورلڊ بينڪ پاران ماحولياتي گدلاڻ ، حفاظتي انتظامن جي اڻهوند ۽ آفيسرن جي ڪم واري جاءِ تي غيرموجودگي وارن اعتراضن بعد بند ڪرايو ويو آهي. ورلڊ بينڪ منصوبي جي ڊزائين ۽ روٽ بابت پڻ خدشن جو اظهار ڪيو هو، واضح رهي ته آگمينٽيشن جو ڪم 10 نومبر تي شروع ڪيو ويو هو، جنهن کي 30 ڊسمبر تائين مڪمل ڪرڻو هو. منصوبي تحت اردو يونيورسٽي کان حسن اسڪوائر تائين 2.7 ڪلوميٽر ڊگهي پائپ لائين وڇائڻي هئي پر هينئر تائين رڳو 10 سيڪڙو ڪم ٿي سگهيو آهي. ذريعن موجب شروعاتي ڊزائين تحت يونيورسٽي روڊ تي 96 ۽ 72 انچ واريون پائپ لائينون وڇايون پي ويون، بعد ۾ ڊزائين ۾ تبديلي کانپوءِ اردو يونيورسٽي کان حسن اسڪوائر تائين هڪ ئي ٽريڪ تي پائپ لائين وڇائي ويندي. اختيارين جو چوڻ آهي ته ورلڊ بينڪ جا اعتراض ختم ٿيڻ کانپوءِ منصوبي تي ڪم ٻيهر شروع ڪيو ويندو