| ڪراچي ريڊ لائين جو ڪم ايف ڊبليو او حوالي: رٿا ۾ دير تي معافي گهران ٿو: مراد شاهه |
ڪراچي (رپورٽ: شاهد ميراڻي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد شاهه يونيورسٽي روڊ جي تعمير ۾ دير تي شهرين کان معافي گهرندي چيو ته 3 مهينن اندر مڪسڊ ٽريفڪ لين بحال ڪئي ويندي. ڪالهه سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد شاھ بي آر ٽي ريڊ لائين منصوبي جو دورو ڪرڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته بي آر ٽي ريڊ لائين لاٽ ٽو جي مين ڪوريڊور جو ٽينڊر ٻيهر جاري ڪيو ويندو. هن چيو ته ايف ڊبليو او چيف سان ڳالهه ٿي آهي، هن يقين ڏياريو آهي ته ٻن کان ٽن ڏينهن اندر هتي تعميرا تي سرگرميون ٻيهر بحال ٿي وينديون. هن چيو ته مڪسڊ ٽريفڪ لين 12 ڪلوميٽر ڊگهي آهي، اميد آهي ته اها ٽن مهينن اندر مڪمل ٿي ويندي. هن چيو ته عوام جون اميدون سنڌ حڪومت سان جڙيل آهن۔ چار سال اڳ لاٽ ٽو جو ٺيڪو ڏنو ويو هو پر ڪم جو معيار سٺو نه هو. وڏي وزير ڪم جي مڪمل ڪرڻ جي ذميواري ايف ڊبليو او کي ڏيندي چيو ته ڪم کي تيزي سان مڪمل ڪرڻ لاءِ عيد جي موڪلن دوران به ڪم جاري رهندو.ريڊ لائن منصوبو جي دوري دوران وزيراعليٰ کي ٻڌايو ويو ته اسلاميه ڪاليج کان ڪامران چورنگي تائين ريڊ لائين تي ڪم تيزي سان جاري آهي. وزيراعليٰ عظيم پوره فلاءِ اوور جو به دورو ڪيو، جتي ميئر ڪراچي بريفنگ ڏيندي چيو ته فلاءِ اوور جو 65 سيڪڙو ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي، 15 جون تائين فلاءِ اوور جو ڪم مڪمل ٿيندو، هن وڌيڪ چيو ته عوامي تڪليفن کي گهٽائڻ لاءِ ڏينهن رات ڪم جاري آهي. وزيراعليٰ سنڌ ڪم جي رفتار ۽ معيار تي اطمينان جو اظهار ڪندي هدايت ڪئي ته منصوبن کي ڊيڊ لائين کان اڳ مڪمل ڪرڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪئي وڃي ته جيئن شهرين کي سفري سهولتون ميسر ٿين.