ڪراچي: زال مڙس ۽ سندن پٽ کي قتل ڪندڙ مک جوابدار گرفتار: ناري به بازياب 

ڪراچي: زال مڙس ۽ سندن پٽ کي قتل ڪندڙ مک جوابدار گرفتار: ناري به بازياب 

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي پوليس زال مڙس ۽ سندن پٽ کي قتل ڪندڙ مک جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو،  ناري بازياب، ايس ايس پي ڪياماڙي امجد شيخ موجب  مشرف ڪالوني ۾ جوابدار دانش گهر ۾ گهڙي پنهنجي سنڍو عابد، سندس زال مريم ۽  پٽ زوهيب کي قتل ڪيو هو، جوابدار ٽنهي ڀاتين کي قتل ڪرڻ بعد عابد جي ڌيءَ علينه کي اغوا ڪري فرار ٿي ويو هو، گوليون لڳڻ سبب عابد جي سالي فاطمه  زخمي ٿي پئي هئي. ايس ايس پي امجد شيخ موجب پوليس ٽيڪنيڪل بنيادن تي ڪارروائي ڪري جوابدار دانش کي گرفتار ڪري علينه کي بازياب ڪرايو آهي. پوليس موجب ابتدائي جاچ موجب واقعو سڱاوتي تڪرار تان پيش آيو هو، قتل ٿيل ڪٽنب جو تعلق مانسهره سان آهي.