اسلام آباد (پنهنجي ڊيسڪ) سامونڊي طوفان سان ڪراچي سڌي ريت متاثر نه ٿيندو پر اثر پئجي سگهن ٿا، تيز هوائن سان برسات ٿي سگهي ٿي، اربن فلڊ جو خطرو آهي
ماحولياتي تبديلي واري وفاقي وزير شيري رحمان چيئرمين اين ڊي ايم اي ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر ملڪ سان گڏ سامونڊي طوفان بپر جواءِ جي صورتحال بابت پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ڪراچي طوفان سان سڌي ريت متاثر نه ٿيندو پر اثر پئجي سگهن ٿا، ڪراچي ۾ لينڊ فال نه ٿيندو پر اثر ٿي سگهن ٿا
هن چيو ته سامونڊي طوفان سان تيز هوائون گهلنديون ۽ برسات ٿي سگهي ٿي، سائڪلون پنهنجي متعين رستي سان ئي هلي رهيو آهي، سامونڊي طوفان سڀاڻي ڪيٽي بندر سان ٽڪرائيندو، طوفان پنهنجو اثر ڏيکاريندو، ان سلسلي ۾ وارننگ جاري ڪئي آهي
شيري رحمان چيو ته طوفان جي رفتار 140 کان 142 ڪلو ميٽر في ڪلاڪ آهي، ڪراچي جي علائقي ملير مان لڏپلاڻ ڪئي ويندي، ماڻهو پاڻمرادو به محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ٿي رهيا آهن
وفاقي وزير چيو ته مهاڻن کي درخواست آهي ته سمنڊ ۾ نه وڃن، 15 جون تي ماڻهو محفوظ هنڌ تي رهن، غيرضروري ٻاهر نه نڪرن
چيئرمين اين ڊي ايم اي ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر ملڪ چيو ته ڪراچي ۾ اربن فلڊ جو خطرو موجود آهي، طوفان جي رفتار 150 ڪلو ميٽر في ڪلاڪ آهي، سامونڊي طوفان بپر جواءِ ڪيٽي بندر ۽گجرات جي وچ ۾ لينڊ فال ڪندو، طوفان سڀاڻي صبح کانپوءِ ڪنهن به وقت ٽڪرائجي سگهي ٿو
چيئرمين اين ڊي ايم اي چيو ته لڏپلاڻ ڪندڙ لاءِ 75 رليف ڪيمپون قائم ڪري رهيا آهيون، هزارين ماڻهو محفوظ هنڌن تي منتقل ڪيا آهن