ڪراچي: سحري مهل پلازا ۾ گئس ليڪيج سبب ڌماڪو: مويا واسي 3 ڀينرن سميت 16 فوت: 13 زخمي: ڪيهاٽ

ڪراچي: سحري مهل پلازا ۾ گئس ليڪيج سبب ڌماڪو: مويا واسي 3 ڀينرن سميت 16 فوت: 13 زخمي: ڪيهاٽ

ڪراچي/ٽنڊو غلام حيدر (رپورٽ: حبيب جمالي ۽ نثار لاشاري) ڪراچي ۾ رمضان جي پهرين سحري وقت رهائشي پلازا ۾ گيس ليڪيج سبب ڌماڪو، عمارت ڊهي پٽ پئجي  وئي، مويا واسي 3 ڀينرن سميت 16 ڄڻا فوت: 13 زخمي، پوليس موجب سولجر بازار جي گل رعنا ڪالوني ۾ فجر جو لڳ ڀڳ 4 وڳي گرائونڊ پلس ٿري عمارت ۾ گيس ليڪيج سبب ڌماڪو ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ عمارت جو ڪجهه حصو ڪري پيو، واقعي جي اطلاع ملندي ئي پوليس علائقي کي گهيري ۾ ورتو جڏهن ته ريسڪيو ٽيمن پهچي سرچ آپريشن شروع ڪيو، 3 ماڙ عمارت جي هر فلور تي 2-2 ڪمرا ٺهيل هئا، سوڙهين گهٽين سبب ريسڪيو آپريشن ۾ ڏکيائين کي منهن ڏيڻو  پيو. ريسڪيو اختيارين جو چوڻ آهي ته ملبي مان عورتن ۽ ٻارن سميت 16 لاش ڪڍيا ويا، 13 ڄڻن کي زخمي حالت ۾ ڪڍي اسپتال منتقل ڪيو ويو. فوتين ۾ 60 ورهين جو رياض پٽ عثمان، 10 ورهين جي نازيه ڌيءَ وڪيو ۽ سندس ڀيڻ 15 ورهين جي بينظير، 27 ورهين جو قمبر،  سندس زال ياسمين ۽ 2 ورهين جي ڌي نرگس، 6 ورهين جي سونو ڌي جبار، 28 ورھين جو نديم ۽ سندس پٽ 5 سالن جو وسيم، 28 ورهين جو نديم پٽ عرس، 16 ورهين جو سجاد پٽ شاهد ۽  سندس ڀاءُ 17 ورهين جو عباس، 35 ورهين جي زينب ۽ ٻيا شامل آهن، زخمين ۾ 55 ورهين جي آمنه  زال وڪيو، 13 ورھين جي ڪوثر ڌي انور، 20 ورهين جو جنيد پٽ انور، 6 ورهين جو زين العابدين پٽ ڪامران، 40 ورهين جو ڪامران، 50 ورهين جو وڪيو، 8 سالن جو ڀورو پٽ وڪيو، 6 ورهين جو عدنان پٽ وڪيو، رياض پٽ وڪيو، تسليم، سبحان ۽ محمد شاهد شامل آهن. بلڊنگ ڊهڻ سبب ٽنڊو غلام حيدر تعلقي جي مويا شهر سان تعلق رکندڙ پورهيت انور لغاري جون 3 نياڻيون 23 سالن جي اقسار لغاري ، 19 سالن جي انيشا لغاري ۽ 15 سالن جي افشان لغاري فوت ٿي ويون، نياڻين جا لاش ملبي مان ڪڍي وارثن حوالي ڪيا ويا، متاثر نياڻين جي والد انور لغاري واقعي جو اطلاع ملڻ تي بيهوش ٿي ويو ، جنهن کي ڪراچي جي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو ، فوتي نياڻين جي امڙ مسمات رضيه گهر ۾ موجود نه هئڻ سبب حادثي کان محفوظ رهي ،حادثي ۾ فوت ٿيل نياڻين جو والد 7 سالن کان  ڪرا چي ۾ رڪشا هلائي خاندان جو پيٽ گذران ڪندو آهي ٻئي طرف بم ڊسپوزل اسڪواڊ واقعي کي گيس ليڪيج جو ڌماڪو قرار ڏئي ڇڏيو،  بم ڊسپوزل انچارج موجب گهر جي رڌڻي ۾ گيس جي فِٽنگ به ناقص هئي، گيس جي فراهمي لاءِ پلاسٽڪ جا پائپ استعمال ڪيا ويا هئا. پلاسٽڪ پائپن ۽ جوڙن سبب گيس جي ليڪيج جو امڪان وڌيڪ هوندو آهي. هن ٻڌايو ته عمارت ۾ گيس ڇڪڻ واريون مشينون به لڳل هيون.  متاثرن ٻڌايو ته علائقي ۾ ڪيترن ئي ڏينهن کان گيس نه پي آئي،  گذريل رات اوچتو گيس جي تيز فراهمي شروع ٿي وئي. بي ڊي ايس انچارج موجب ممڪن آهي ته گيس  کليل رهڻ، شارٽ سرڪٽ يا ماچس ٻارڻ سبب ڌماڪو ٿيو هجي ٻئي طرف ڊي آءِ جي ايسٽ ڊاڪٽر فرخ لنجار ۽ ڊي سي اوڀر نصرالله عباسي  چيو ته ڌماڪو گيس ليڪيج سبب ٿيو آهي، سحري لاءِ اٿيل ماڻهن چلهه ٻارڻ جي ڪوشش ڪئي ته ڌماڪو ٿيو. هن چيو ته 18سال پراڻي عمارت تمام ننڍڙي ايريا تي ٺهيل آهي، اها  انتهائي ڪمزور ڍانچي واري آهي،هوڏانهن ريسڪيو 1122 جي ترجمان حسان ٻڌايو ته عمارت جي تعمير ۾ منصوبابندي جي کوٽ نظر اچي ٿي، عمارت اندر ننڍڙا ننڍڙا ڪمرا هئا، هڪ ڪمري مٿان ٻيو ڪمرو ٺهيل هو. هن چيو ته ڌماڪي سبب پوري عمارت شديد متاثر ٿي، ان جو هڪ حصو ڊهي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ عمارت ۾ موجب سڀ فيمليز ملبي هيٺ دٻجي ويون. سوڙهين گهٽين سبب ريسڪيو آپريشن ۾ مشڪلاتون پيش آيون، مشينري پهچائڻ ممڪن نه هو، ريسڪيو آپريشن هٿ سان ڪيو ويو، ڪٽرن ذريعي لوهه ڪٽيو ويو،  ننڍڙيون مشينون استعمال ڪيون،جيڪي هٿ سان استعمال ٿي سگهن ٿيون.