ڪراچي سرڪولر ريل منصوبو هاڻ سنڌ حڪومت وٽ آهي: ريلوي انتظاميا

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي جي ريلوي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو وقتي چيئرمين رمیش لال جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو. وفاقي وزير حنيف عباسي ۽ مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني جي غيرحاضري تي ڪميٽي ميمبرن سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي غيرحاضري بابت اسپيڪر کي خط لکڻ جو مطالبو ڪيو. مهرين رزاق ڀٽو چيو ته هدايتون جاري ٿيڻ گهرجن ته وزير ڪميٽي جي اجلاس ۾ شرڪت ڪن. وزير هتي ڇو موجود ناهي. ريلوي واري سيڪريٽري ٻڌايو ته وفاقي وزير ملڪ کان ٻاهر آهي. الياس چوڌري چيو ته مملڪتي وزير ته موجود آهي. ريلوي واري سيڪريٽري ٻڌايو ته مملڪتي وزير ناڻي ۽ ريلوي ٻنهي وزارتن جو وزير آهي. رمیش لال چيو ته ريلوي واري وزير کي اجلاس ۾ اچڻ گهرجي، ان سان سندس عزت گهٽ نه ٿيندي پر وڌندي. وسيم قادر چيو ته 15 اجلاس ٿي چڪا آهن، پر وزير شريڪ ناهي ٿيو. شروعات ۾ هڪ ڀيرو پهتو هو. رمیش لال چيو ته وزيراعظم کي درخواست ڪرڻ گهرجي ته ڪابينا ميمبرن جي هي صورتحال آهي. اسان سڀ اسپيڪر سان به رابطو ڪري سگهون ٿا. ذوالفقار بچاڻي چيو ته پي ٽي آءِ حڪومت دوران مواصلات واري وزير جي به ساڳي صورتحال هئي، هاڻي وري ساڳيو ڪجهه ورجايو پيو وڃي. ريلوي واري سيڪريٽري چيو ته بلوچستان ۾ پيپلز ٽرين جو افتتاح ڪنداسين، جنهن ۾ سموري سيڙپڪاري بلوچستان حڪومت جي آهي. غيرمحفوظ ۽ بنا عملي جي ريلوي ڪراسنگز بابت سموريون صوبائي حڪومتون سهڪار ڪري رهيون آهن. ڪميٽي وزيراعظم کي سفارش ڪئي ته سکر ڊويزن ۾ ريلوي ٽريڪ لاءِ وڌيڪ فنڊ مختص ڪيا وڃن. ريلوي واري سيڪريٽري چيو آهي ته ايم ايل ون جي ڪراچي روهڙي سيڪشن تي ڪم هلندڙ مالي سال ۾ شروع ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون. 40 ارب رپين مان 25 ارب رپيا هن منصوبي لاءِ آهن. ڪوشش آهي ته ايم ايل ون منصوبي کي ٽن سالن ۾ مڪمل ڪيو وڃي. مهرين رزاق ڀٽو چيو ته حڪومت جي ايتري نااهلي آهي جو ريلوي سندس ترجيح ئي ناهي. غريب ويچارو ڇا ڪندو. ماڻهو شايد آيت الڪرسي پڙهي ٽرينن ۾ ويهندا هوندا. لاهور ۽ فيصل آباد وچ ۾ ٽريفڪ کي متبادل رستي ذريعي منتقل ڪيو پيو وڃي. جيئن لاهور ۾ اورنج لائن پنجاب حڪومت جو منصوبو آهي، تيئن هاڻي ڪراچي سرڪلر ريلوي به سنڌ حڪومت جو منصوبو آهي. رائل پام به آئوٽ سورسنگ ۾ وڃي رهيو آهي.