ڪراچي سرڪيولر ريلوي لاءِ وفاق مدد ڪري: وزيراعليٰ جي اپيل

  ڪراچي سرڪيولر ريلوي لاءِ وفاق مدد ڪري: وزيراعليٰ جي اپيل

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد شاهه وزيراعظم محمد شهباز شريف کي ڪراچي سرڪيولر ريلوي منصوبي لاءِ وفاقي سهڪار جي اپيل ڪندي چيو آهي ته ڪي سي آر جهڙي وڏي منصوبي کي سنڌ حڪومت اڪيلي سر مڪمل ڪري نٿي سگهي، انهي لاءِ وفاقي مدد ضروري آهي. ڪالهه ڪينٽ اسٽيشن جي تاريخي اپ گريڊيشن  واري تقريب ۾ وزيراعظم جي موجودگي ۾ خطاب ڪندي وڏي وزير مراد شاهه چيو ته ڪراچي جي ترقي لاءِ وفاقي حڪومت جو سنجيده ڪردار ساراهه جوڳو آهي، ريلوي لائينن ۽ برانچن جي اپ گريڊيشن سنڌ واسين لاءِ انتهائي مثبت قدم آهي،  هن چيو ته جيستائين ڪراچي–حيدرآباد موٽروي مڪمل نٿو ٿئي، ان وقت تائين ٽرين سفر عوام لاءِ سڀ کان مناسب ۽ موثر ٽرانسپورٽ آهي، هن وفاقي سرڪار مٿان موٽر وي کي تيزي سان مڪمل ڪرڻ لاءِ زور ڀريو، هن ڪراچي جي ٽرانسپورٽ سسٽم کي جديد بڻائڻ لاءِ سنڌ حڪومت پاران شروع ڪيل اليڪٽرڪ بسن، پيپلز بس ۽ عورتن لاءِ پنڪ بس سروس جوذڪر ڪيو، هن چيو ته  شهر جي وڌندڙ آبادي ۽ ضرورتن کي نظر ۾ رکندي ڪي سي آر جهڙي مڪمل ماس ٽرانزٽ سسٽم جي سخت ضرورت آهي، هن يقين ڏياريو ته سنڌ حڪومت وفاق ۽ ريلوي اختيارين سان مڪمل تعاون ڪندي ته جيئن منصوبو ڪاميابيءَ سان مڪمل ٿي سگهي.