ڪراچي: سمنڊ رستي يورپ وڃڻ جي ڪوشش ناڪام: 8 سوگها

ڪراچي: سمنڊ رستي يورپ وڃڻ جي ڪوشش ناڪام: 8 سوگها

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سمنڊ رستي يورپ وڃڻ جي ڪوشش ناڪام، 8 سوگها، ايف آءَ اي ڪراچي ايئرپورٽ تان  4 مسافرن عتيب الرحمان، قمرالدين، سعد فاروق ۽ محمد عادل ۽ سندس  ايجنٽن ۽ سهولتڪارن  لياقت علي، محمد الڪريم، محمد عامر ۽ عبدالمقيت کي گرفتار ڪري ورتو، عتيب الرحمان، قمرالدين، سعد فاروق ۽ محمد عادل نالي مسافر البانيا وڃي رهيا هئا، جتان اهي سمنڊ ذريعي يورپ وڃڻا هئا، مسافرن يورپ وڃڻ لاءِ انساني اسمگلرن کي هڪ ڪروڙ ادا ڪيا، مسافرن جي نشاندهي تي ايئرپورٽ جي احاطي مان ايجنٽن ۽ سهولتڪارن کي گرفتار ڪيو ويو،