ڪراچي سوڌو سنڌ جي مختلف شهرن ۾ برسات، هيٺانهين وارن علائقن ۾ پاڻي بيهجي ويو

جُولاءِ 22, 2023

ڪراچي (پنهنجي ڊيسڪ) ڪراچي سوڌو سنڌ جي مختلف شهرن ۾ وقفي وقفي سان وسڪارو جاري، هيٺانهين وارن علائقن ۾ پاڻي بيهجي ويو، نيئون وهي اچڻ سبب جوهي ۽ سيوهڻ روڊ پاڻي هيٺ اچي ويو

حيدرآباد شهر ۽ ڀرپاسي وقفي وقفي سان برسات سبب هيٺاهين وارن علائقن ۾ ۽ رستن تي پاڻي بيهجي ويو، مختلف علائقن ۾ بجلي بند ٿي وئي

قاضي احمد، دولتپور، آمري، سن، مانجهند ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ به وسڪارو، ڏاهلي جي ڳوٺ ويگهڙ ۾ وڄ ڪرڻ سبب نوجوان زخمي ٿي پيو

ڳوٺ ڪيتار ۾ وڄ ڪرڻ سبب 2 ڍور مري ويا، ننگر پارڪر جي ڳوٺ ڪولهي ويري ۾ به وڄ ڪرڻ سبب 2 ڍور مري ويا

ڪاڇي جي علائقي ٽنڊو رحيم ويجهو برسات کانپوءِ نئن انگئي ۽ نئن نينگ  ٻيهر وهي آيون، نيئون وهي اچڻ سبب گاجي شاهه کان جوهي ۽ سيوهڻ ويندڙ روڊ پاڻيءَ هيٺ اچي ويو.

لاڳاپيل پوسٽون

  • لاڙڪاڻو: نينگر رائيس ڪئنال ۾ ٻڏي فوت

  • خيرپور: ميرواهه ڪئنال مان هٿ آيل لاش جي سڃاڻپ

  • وياج جي شرح 11 سيڪڙو برقرار

  • وڳڻ ڀرسان حادثو، هڪ ڄڻو فوت، 3 زخمي