ڪراچي: سيف سٽي ۽ اي چالان خلاف وڌيڪ 2 پٽيشنون داخل

ڪراچي: سيف سٽي ۽ اي چالان خلاف وڌيڪ 2 پٽيشنون داخل

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ سيف سٽي ۽ اي چالان واري سسٽم خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ وڌيڪ 2 پٽيشنون داخل، مير محسب ٽالپر پاران داخل درخواست ۾ چيو ويو آهي ته اي چالان سسٽم قانوني بنياد بنا لاڳو ڪيو ويو آهي، شهرين تي بنا ٻڌڻي ۽ نوٽيس جي ڏنڊ لاڳو ڪيا پيا وڃن، درخواست ۾ آئين جي آرٽيڪلز A,4,9,10 ۽ 25 جي ڀڃڪڙي جو الزام به لڳايو ويو آهي، ڪراچي ۾ اي چالان جو ڏند اسلام آباد ۽ لاهور کان وڌيڪ آهي، چالان جي رقم ادا نه ڪرڻ تي سڃاڻپ ڪارڊ بلاڪ ڪرڻ جو عمل غير قانوني آهي، درخواست ۾ سيف سٽي رٿا ذريعي شهرين جي پرائيويسي جي خلاف ورزي تي به ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو آهي، شهرين جون تصويرون ليڪ ٿيڻ جي انڪشاف جو حوالو به درخواست ۾ شامل ڪيو ويو آهي، عدالت کي استدعا آهي ته اي چالان سسٽم معطل ڪري شفاف طريقو استعمال ڪيو وڃي، سڃاڻپ ڪارڊ بلاڪ ڪرڻ واري عمل کي به غير قانوني قرار ڏنو وڃي، هوڏانهن بس اونر ايسوسيئيشن اي چالان خلاف داخل درخواست ۾ چيو آهي ته ڏنڊ جي شرح منصفاڻي ناهي، ڪمرشل بسن تي هڪ لک رپين جو ڏنڊ ٽرانسپورٽرن جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏيندو، ڪيميرائن ذريعي نگراني بهتر آهي پر ڏنڊ جي رقم برداشت کان ٻاهر آهي.