| ڪراچي سيف سٽي 2 مئي کان شروع: باقي 5 ڊويزنن جو فيصلو پلاننگ کاتي حوالي |
ڪراچي (رپورٽ: فقير سليم) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد شاهه ڪراچي سيف سٽي پراجيڪٽ جي ٻئي مرحلي(فيز ٽو) جي منظوري ڏئي ڇڏي، وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿيل اجلاس کي خطاب ڪندي وڏي وزير چيو ته جديد ٽيڪنالاجي ذريعي عوامي تحفظ کي يقيني بڻائڻ سنڌحڪومت جي اولين ترجيح آهي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته منصوبي جي ٻئي مرحلي ۾ 2314 سمارٽ نگراني ڪيميرائون لڳايون وينديون، جن مان 870 عام نگراني لاءِ، 1300 آٽوميٽڪ نمبر پليٽ ريڪگنيشن ۽ چهري جي سڃاڻپ سان ليس، 80 ٽريفڪ جي نفاذ لاءِ، 56 موبائل نگراني يونٽ ۽ 8 ٽريفڪ سگنل مانيٽرنگ لاءِ هونديون، ڏکڻ ضلعي ۾ 322، اوڀر ۾ 220، ڪورنگي ۾27، ڪياماڙي ۾ 17، ملير ۾16 ۽ اولهه ۾ رڳو هڪ ڪيميرا لڳندي ، جنهن سان شهر ۾ نگراني جو نيٽ ورڪ ڪافي حد تائين وسيع ٿي ويندو. 9.98 اربن جو فيز 2 منصوبو 12 مهينن اندر مڪمل ٿيڻ جو امڪان آهي، رٿا تي مئي 2026 ۾ شروع ٿيندو اجلاس ۾ حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻي، ميرپورخاص ۽ شهيد بينظير آباد ۾ سيف سٽي منصوبا قائم ڪرڻ جي تجويزن جو جائزو ورتو ويو، جتي 3.15 ارب جي لاڳت سان 780 ڪيميرائون لڳايون وينديون. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته 5 ڊويزنل هيڊ ڪوارٽرن ۾ جو سيف سٽي پراجيڪٽ وڌيڪ جائزي لاءِ پلاننگ کاتي کي موڪليو ويندو، وڏي وزير چيو ته سيف سٽي سان نه رڳو ڏوهن جي روڪٿام ۽ جوابي ڪارروائي ۾ بهتري ايندي پر ٽريفڪ جي انتظام ۽ هنگامي خدمتن کي پڻ هٿي ملندي.