ڪراچي: صوبائي وزير جاڇاپا: 2 امتحاني مرڪز  ختم   

ڪراچي: صوبائي وزير جاڇاپا: 2 امتحاني مرڪز  ختم   

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي يونيورسٽين ۽ تعليمي بورڊن واري وزير اسماعيل راهو شاهه فيصل ڪالوني ۾ واقع ايس آر اڪيڊمي واري امتحاني مرڪز جو اچتو دورو ڪري بي قاعدگين جو سخت نوٽيس ورتو. هن بورڊ چيئرمين کي ايس آر پبلڪ سيڪنڊري اسڪول شاهه فيصل ڪالوني ۽ ايس آر پبلڪ اسڪول اينڊ ڪالج سعود آباد وارا امتحاني مرڪز ختم ڪرڻ جا حڪم ڏئي ڇڏيا. اسماعيل راهو جو چوڻ هو ته امتحاني عملو ٻين اسڪولن جي شاگردن کان پيپر حل ڪرائي رهيو هو، جڏهن ته سينٽر ۾ گنجائش کان وڌيڪ شاگرد پڻ موجود هئا، جيڪا سنگين خلاف ورزي آهي. هن هدايت ڪئي ته سينٽر جي تبديلي ۾ ملوث بورڊ عملدارن خلاف پڻ سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. هن چيو ته سنڌ حڪومت ڪاپي جي خاتمي لاءِ “زيرو ٽالرنس” پاليسي تي عمل پئي ڪري.