ڪراچي صورتحال تي فيلڊ مارشل کي خط لکيو آهي: آباد چيف 

ڪراچي صورتحال تي فيلڊ مارشل کي خط لکيو آهي: آباد چيف 

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) آباد جي چيئرمين محمد حسن بخشي چيو آهي ته ملڪ ۾ عدالتي نظام کي بهتر بڻائي 3 مھينن  اندر ڪيس حل ڪيا وڃن. لاهور ڊولپمنٽ اٿارٽي ۾ خانگي شعبي مان چيئرمين مقرر ڪيو ويو، جنهن سان بهتري آئي، ڪراچي ڊولپمنٽ اٿارٽي ۾ ائين  ٿيڻ گهرجي. فيلڊ مارشل کي خط  لکيو آهي ته اهي ڏسن ته ڪراچي ۾ ڪارڪردگي بهتر ٿي آهي يا نه؟ بيورو ڪريسي، سياستدان يا اسان ۾ ڪا خامي آهي ته احتساب  لاءِ تيار آهيون. سنڌ حڪومت جا ڪجهه ادارا خانگي شعبن حوالي ڪيا وڃن ڇو ته پنجاب ۾ ڪاروباري سنڌ جي مقابلي ۾ بهتر آهن. يونائيٽيڊ بزنس گروپ (يو بي جي) جي سرپرست اعليٰ ايس ايم تنوير چيو  ته حڪومت طرفان لڳايل ٽيڪسز سبب ملڪ ۾ هائوسنگ ۽ ڪنسٽرڪشن سان لاڳاپيل 80 کان وڌيڪ صنعتون بند ٿي چڪيون آهن.فائلر ۽ نان فائلر جي فرق. سيڪشن 236 سي، 7 اي ۽ ٻين ٽيڪسز اڏاوتي شعبي کي ڪاپاري ڌڪ سايو آهي، سيڙپڪاري جو ماحول تباهه ڪري ڇڏيو آهي.