| ڪراچي: عورت جون تصويرون ساهرن کي موڪليندڙ کي 9 سال ٽيپ |
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي عدالت عورت جون اڻوڻندڙ تصويرون ۽ وڊيوز سهري ۽ سس کي موڪلڻ وارو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي جوابدار عماد کي 9 سال قيد ۽ 10 لک ڏنڊ جي سزا ٻڌائي، ياد رهي متاثر عورت جوابدار خلاف سائبر ڪرائيم ۾ شڪايت داخل ڪرائي هئي، پراسيڪيوشن موجب جوابدار عورت جو دوست هو، جيڪو مڙس جي غير موجودگي ۾ عورت جي گهر آيو، جسماني تعلق کان انڪار تي هن عورت جون اڻوڻندڙ تصويرون گهرڀاتين کي موڪلي ڇڏيون, عدالت چيو ته اهو واضع مثال آهي ته معاشري ۾ مرد پنهنجن مطالبن تي انڪار نٿو ٻڌي سگهي, حڪومت کي انهي سطح تي ڪم ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي.