| ڪراچي: عورت جو ڪتبو مرد سان تبديل: ايس ايچ او طلب |
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي عدالت قبر تي ڪنهن ٻئي جو ڪتبو لڳائڻ تان ايس ايڇ او پي آءِ بي ۽ منو قبرستان جي گورڪن حسن بلوچ کان جواب طلب ڪري ورتو، درخواستگذار صفدر حسين موجب جون 2015 ۾ سندس سالي شاهينه فوت ٿي هئي، جنهن جي تدفين منو ڳوٺ جي شير شاهه سليمان روڊ واري قبرستان ۾ ڪئي وئي، گهر وارا وقت بوقت قبرستان ويندا رهيا، ڊسمبر 2025 ۾ قبرستان وڃڻ تي خبر پئي ته شاهينه جي قبر تي افتخار حسين نالي شخص جو ڪتبو لڳل هو، قبرستان جو گورڪن حسن بلوچ معلومات گهرڻ تي ڀڄي ويو، عدالت کي استدعا آهي ته قبرستان انتظاميه خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو وڃي.