ڪراچي: عيد خريداري لاءِ ٽريفڪ پلان: شاپنگ سينٽرن ٻاهران رڪشائن تي پابندي

ڪراچي: عيد خريداري لاءِ ٽريفڪ پلان: شاپنگ سينٽرن ٻاهران رڪشائن تي پابندي

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ عيد خريداري جي حوالي سان ٽريفڪ پلان جاري: شاپنگ سينٽرن ٻاهران رڪشائن تي پابندي،  ڊي آءِ جي ٽريفڪ پير محمد شاهه موجب  شهر جي مختلف ضلعن ۾ مقرر سيڪشن آفيسرز ۽ ٽريفڪ اسٽاف روزانو شام 7 وڳي کان رات دير تائين شاپنگ سينٽرن ۽ مارڪيٽن ۾ ڪاروباري سرگرمين جي خاتمي تائين پنهنجا فرض سرانجام ڏيندا، عيد خريداري دوران شهر جي اهم ۽ مصروف مارڪيٽن سميت شاهراهن تي ٽريفڪ پوليس جي اضافي نفري مقرر ڪئي وئي آهي. ڊي آءِ جي ٽريفڪ موجب ڊرگهه روڊ کان ايندڙ ٽريفڪ ميلينيم برج ذريعي نيپا وڃي سگهندي، جڏهن ته برج هيٺان رڪشا ۽ ٽيڪسي جي داخلا تي پابندي هوندي، ڊي آءِ جي وڌيڪ ٻڌايو ته فوارا کان جي پي او ۽ سنگر چوڪ کان زيب النساءِ اسٽريٽ تائين رڪشا ۽ ٽيڪسي جي داخلا تي پابندي هوندي، رڪشا، ٽيڪسي يا ڪمرشل گاڏين وارا فوارا کان ايم آر ڪياني چوڪ، سرور شهيد روڊ ۽ ڪوسٽ گارڊ ذريعي ريگل يا تبت سينٽر جو رستو اختيار ڪن، جڏهن ته ايم اي جناح روڊ کان سنگر چوڪ، پريڊي اسٽريٽ ۽ صدر دواخانا جو رستو استعمال ڪيو وڃي. ڊي آءِ جي ٽريفڪ موجب تبت چوڪ کان عيدگاهه چوڪ جامع ڪلاٿ تائين رڪشا ۽ ٽيڪسي جي داخلا ممنوع هوندي، رڪشا، ٽيڪسي يا ڪمرشل گاڏين وارا شهري اردو بازار کان ڪورٽ روڊ چوڪ يا فريسڪو چوڪ جو رستو اختيار ڪن، رش ٿيڻ جي صورت ۾ ڪلفٽن برج کان ٽي تلوار ۽ ريس ڪورس يا چوڌري خليق الزمان روڊ استعمال ڪيو وڃي، جڏهن ته ڪي پي ٽي انڊر پاس کان ايندڙ ٽريفڪ باٿ آئي لينڊ کان ڪلفٽن برج جو رستو اختيار ڪندي. پيرمحمد شاهه چيو ته مين راشد منهاس روڊ تي رڪشا ۽ ٽيڪسي جي داخلا ممنوع هوندي، جڏهن ته رڪشا، ٽيڪسي ۽ ڪمرشل گاڏين وارا سجن ڪانٽا کان سرفراز غوري روڊ استعمال ڪندا۔ هن وڌيڪ چيو ته شهر  جي سڀني سپر مارڪيٽن جي چوڌاري رڪشا ۽ ٽيڪسي جا غيرقانوني اسٽينڊ قائم ٿيڻ نه ڏنا ويندا