| ڪراچي: فتنه الخوارج جوخطرناڪ دهشتگرد سوگهو |
ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) رينجرز ۽ سي ٽي ڊي پوليس سائيٽ ايريا ۾ گڏيل ڪارروائي ڪندي فتنه الخوارج سان لاڳاپيل انتهائي گهربل دهشتگرد نور عالم عرف وفادار ولد ماروت خان کي گرفتار ڪري هٿيار ۽ بارودي مواد هٿ ڪري ورتو، گرفتار دهشتگرد سال 2014 ۾ فتنه الخوارج جي مفتي نور ولي جي گروهه ۾ شامل ٿيو۔ ٽريننگ حاصل ڪرڻ بعد دهشتگرد ڏکڻ وزيرستان ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪيترن ئي چيڪ پوسٽن تي حملن ۾ ملوث رهيو آهي، ترجمان موجب گرفتار دهشتگرد ڏکڻ وزيرستان جو رهواسي آهي