ڪراچي: فتنه الخوارج  جو دهشتگرد گرفتار: بارود هٿ

ڪراچي: فتنه الخوارج  جو دهشتگرد گرفتار: بارود هٿ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پاڪستان رينجرز سنڌ ۽ سي ٽي ڊي گڏيل ڪارروائي ڪندي جيڪب لائين مان فتنه  الخوارج سان لاڳاپيل دهشتگرد شهزاد عرف ڊنگر کي گرفتار ڪري هٿيار ۽ بارود  هٿ ڪري ورتو. رينجرز ترجمان موجب گرفتار دهشتگرد جو تعلق فتنه الخوارج جي منصور گروپ سان آهي. منصور منگھو پير جي ڪنواري ڪالوني ۾ رهندو هو، جيڪو ڪراچي آپريشن دوران گرفتاري جي خوف سبب وزيرستان فرار ٿي ويو هو. ترجمان موجب شهزاد عرف ڊنگر 2025ع ۾ منصور جي ذهني تربيت ۽ ترغيب کانپوءِ فتنه الخوارج ۾ شامل ٿيو. منصور کيس ڪراچي مان تنظيم لاءِ فنڊ گڏ ڪرڻ جي ذميواري ڏني. گرفتار دهشتگرد منگھو پير جي مختلف ماڻهن سان رابطا ڪري کين فتنه  الخوارج لاءِ ماهوار فنڊ ڏيڻ تي راضي ڪري رقمون ٽانڪ ۾ موجود منصور جي ساٿي دين محمد کي ايزي پيسا اڪائونٽن ذريعي موڪليندو هو، ترجمان موجب گرفتار دهشتگرد ۽ سندس ساٿي ڪراچي جي حساس هنڌن تي دهشتگرد ڪاررواين جي منصوبابندي ڪري رهيا هئا.