| ڪراچي: فراڊي ڪال سينٽرن تي ڇاپا: 15 پرڏيهين سميت 34 سوگها: 10هزار پرڏيهي سمون هٿ |
ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ ڪال سينٽرن تي ڇاپا: ٽن عورتن ۽ 15 پرڏيهين سميت 34 ڄڻا گرفتار، گيٽ وي، ايڪسچينج، هزارين انٽرنيشنل سمز، 37 ڪپيوٽر ، 40موبائل فون ۽ سامان هٿ، ان ڏس ۾ گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار سائبر ڪرائيم انويسٽيگيشن ايجنسي سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته ڊفينس فيز هڪ ۽ 6 ۾ سائبر ڪرائم انويسٽيگيشن ايجنسيءَ ڪارروائي ڪئي، ڪال سينٽرز تان آن لائن ٽريڊنگ جي نالي ۾ شهرين سان فراڊ ڪيو پي ويو، جوابدار سوشل ميڊيا ذريعي ڪرپٽو ڪرنسي ۽ فاريڪس جو ڏٽو ڏيندا هئا، فراڊ جا پئسا بٽ ڪوائين ذريعي پرڏيهه مان ڪڍرايا ويندا هئا، ڪال سينٽرز ذريعي منشيات به وڪرو ڪئي ويندي هئي، گهرو وزير چيو ته گذريل ڏينهن هڪ ڀتا خور گروپ پڪڙيو ويو، اهي ٻارڙن ۽ بيروزگارن کي استعمال ڪندي نئين تعمير ٿيندڙ عمارتن جون تصويرون ۽ معلومات جمع ڪرائيندا هئا، صوبي ۾ ڀتا خوري جا 172 ڪيسز رجسٽرڊ ٿيا آهن، جن مان 73 ڪيس حل ڪيا ويا آهن، سائبر ڪرائيم جي ايڊيشنل ڊائريڪٽر طارق نواز موجب ڪارروائي دوران 37 ڪمپيوٽر سسٽمز، 40 موبائل فونز، 10 هزار کان وڌيڪ غير ملڪي سمز ۽ 6 غير قانوني گيٽ وي ايڪسچينج سيٽ اپ تحويل ۾ ورتا ويا آهن.