| ڪراچي: فرقيواراڻي ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ ملوث 4 دهشتگرد سوگها |
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي مان فرقيواراڻي ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ ملوث 4 جوابدار گرفتار، سي ٽي ڊي موجب شهر جي مختلف علائقن ۾ ڪارروائي ڪري 4 جوابدارن امين عرف منا ولد مقصود عالم، زين العابدين ولد محي الدين، عاصم ولد جمال صديقي، محمد افروز ولد عبدالحميد کي گرفتار ڪيو ويو، شروعاتي جاچ موجب جوابدارن جو تعلق پابندي مڙهيل تنظيم ”لشڪر جهنگوي“ جي حافظ قاسم رشيد گروپ سان آهي، جوابدار اورنگي ٽائون ۾ پوليس جي مخبرن ۽ فرقيواراڻي ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ ملوث آهن، جوابدارن اورنگي ٽائون ۾ مقتول عادل حسين ولد گل حسين کي فرقيواراڻي ٽارگيٽ جو نشانو بڻايو، پاڪستان بازار ٿاڻي جي حد ۾ پوليس جي انفارمر شهباز خان کي ٽارگيٽ ڪري قتل ڪيو. گرفتار ٿيل جوابدارن جي قبضي مان 4 پستول، گوليون ۽ ٻيو سامان هٿ آيو آهي.