ڪراچي: فليٽ مان ماءُ ڌي ۽ ننهن جا لاش ملڻ جو نئون رخ : اجتمائي خودڪشي جو شڪ 

ڪراچي: فليٽ مان ماءُ ڌي ۽ ننهن جا لاش ملڻ جو نئون رخ : اجتمائي خودڪشي جو شڪ 

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي علائقي گلشن اقبال ۾ فليٽ مان ٽن عورتن جا لاش ملڻ واري مامري جو نئون رخ سامهون اچي ويو، اجتمائي خودڪشي جو شڪ ظاهر، ايس پي جاچ عثمان خان موجب هي خودڪشي جو ڪيس آهي، گهر ڌڻي اقبال وصيت نامو به لکيو، جنهن ۾ هن پنهنجي قبر جي سائيز، تدفين جي خرچن ۽ پئسن جي ڏيتي ليتي جا تفصيل لکيا، اقبال جي پٽ ياسين خودڪشي جي ڪوشش ڪئي پر بچي ويو، گهر ڀاتين کي تڪليف ۾ ڏسي اقبال خودڪشي نه ڪئي، اقبال جي ننهن ماها جو لکيل آپگهاتي نوٽ به مليو، اقبال، ياسين ۽ ماها آپگهاتي نوٽ لکيا، اها جاچ ڪريون پيا ته ثمينه ۽ سندس  ڌيءَ سمرين پاڻ زهر پيتو؟ يا کين بي خبري ۾ زهر ڏنو ويو ؟ اقبال ۽ ياسين جي حالت بهتر ٿيڻ بعد سندن ٻيهر بيان ورتا ويندا.