ڪراچي لاءِ ڌار مڪاني حڪومت، صوبي جهڙا اختيار: نواز ليگ متحده جي ترميم سان اتفاق ڪري ورتو

نومبر 30, 2023

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان مسلم ليگ (ن) ۽ ايم ڪيو ايم جي مذاڪراتي ڪاميٽيءَ جو اجلاس ، جنھن ۾ لوڪل گورنمينٽ متعلق ايم ڪيو ايم جي آئيني ترميم تي اتفاق ۽ ايندڙ عام چونڊن ۾ ھڪ ٻئي جو ساٿ ڏيڻ جوعزم ڪيو ويوآھي. ايم ڪيو ايم ۽ پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي مذاڪراتي ڪاميٽيءَ جو اجلاس اسلام آباد ۾  احسن اقبال جي رھائش گاھه تي ٿيو. جنھن ۾ مسلم ليگ پاران احسن اقبال، سردار اياز صادق، خواجه سعيد رفيق، زاھد حامد ۽ بشير ميمڻ شرڪت ڪئي. جڏھن ته ايم ڪيو ايم پاران ڊاڪٽر فاروق ستار، مصطفيٰ ڪمال، امين الحق، جاويد حنيف شريڪ ٿيا. اجلاس ۾ سنڌ جي سياسي صورتحال ۽ سيٽ ايڊجيسٽمينٽ، بلدياتي نظام ۽ ايم ڪيو ايم پاران تجويز ڪيل قانونسازي وارن مامرن تي غور ويچار ڪيو ويو. اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان ڳالھائيندي احسن اقبال چيو ته مسلم ليگ (ن) به مضبوط بلدياتي نظام تي يقين رکي ٿي. ايندڙ پارليامينٽ مان آئيني ترميم منظور ڪرائينداسين. ھن چيو ته ايندڙ چونڊن ۾ ايم ڪيو ايم ۽ ن ليگ پاڻ گڏجي سنڌ ۾ وڌ کان وڌ سيٽون حاصل ڪنداسين. هر تڪ تي مضبوط اميدوار جي حمايت ڪبي، احسن اقبال چيو ته تحريڪ انصاف جي چيئرمين اسان کي قرضن جي ڄار ۾ اُڇلائي ڇڏيو، پاڪستان جي نئين سر تعمير لاءِ تحريڪ جي ضرورت آھي. مڪاني حڪومتن کي مضبوط بڻائڻ لاءِ آئيني ترميم آڻڻ تي اتفاق ٿيو آھي. مڪاني حڪومتن کي صوبائي حڪومتن جي رحم و ڪرم تي نٿو ڇڏي سگھجي.  اِن موقعي تي ايم ڪيو ايم جي سينيئر ڊپٽي ڪنوينر فاروق ستار چيو ته مضبوط مڪاني حڪومتون ئي پاڪستان جي بقا ۽ سلامتي جي ضامن آھن. مڪاني حڪومتن کي بااختيار بڻائڻ لاءِ آئيني ترميم جي ضرورت آھي. آئيني ترميم جو مسودو مڪاني خودمختياري پيش ڪري ڇڏيو آھي، جنھن تي نواز ليگ متفق آهي، اِن بل کي ٻين سياسي جماعتن آڏو به رکنداسين. ايم ڪيو ايم جي سينيئر ڊپٽي ڪنوينر مصطفيٰ ڪمال چيو ته پاڪستان جا سمورا اختيار ۽ وسيلا وزير اعظم، چئن وڏن وزيرن وٽ آھن، اسان اختيارن کي ھيٺين سطح تي منتقلي جي ڳالھه ڪري رھيا آھيون

نواز ليگ  ايم ڪيو ايم جي مطالبي جي حمايت ڪري ڇڏي

اسلام آباد: نواز ليگ صوبن کي نظرانداز ڪري مڪاني ادارن کي وفاق جي ماتحت ڪري سڌا فنڊ ڏيڻ واري ايم ڪيو ايم جي مطالبي جي حمايت ڪري ڇڏي، نواز ليگ ايم ڪيو ايم جي ڪراچي لاءِ ڌار مڪاني حڪومت ۽ صوبائي سرڪار جهڙا اختيار ڏيڻ واري آئيني ترميم سان اتفاق ڪري ورتو، ايم ڪيو ايم پاران مسلم ليگ (ن) جي ڏنل آئيني ترميم واري مسودي جا تفصيل سامھون اچي ويا. آئين جي آرٽيڪل 140 ۾ ايم ڪيو ايم ترميم ڪرڻ جي تجويز ڏني آھي ته مقامي حڪومتن جو اھڙو نظام تشڪيل ڏنو وڃي جنھن وٽ سياسي، انتظامي ۽ مالياتي اختيار ھجن. تجويز ڪيل ترميمي بل ۾ ايم ڪيو ايم ڄاڻايو آھي ته يونين ڪائونسلز، يونين ڪميٽين، وارڊز جي تعداد اليڪشن ڪميشن نوٽيفائي ڪري. مڪاني حڪومتن جي چونڊن جي لاءِ حدبنديون ڪرڻ اليڪشن ڪميشن جي ذميواري ھوندي. بلدياتي حد بنديون آبادي جي حساب سان ڪيون وڃن. اسلام آباد، ڪراچي، لاھور، پشاور ۽ ڪوئيٽا ڊويزن لاءِ الڳ الڳ ھڪ ئي مڪاني حڪومت قائم ڪئي وڃي. ٻين ضلعن ۾ شھري ۽ ٻھراڙي علائقن جي لاءِ الڳ الڳ مقامي حڪومتون تشڪيل ڏنيون وڃن. تجويز ڪيل بل مطابق عام چونڊن کان پھريان مڪاني حڪومتن جي چونڊن واري شرط رکي وڃي. اين ايف سي ايوارڊ يا قومي خزاني مان صوبن کي منتقل ٿيندڙ رقم جو 70 سيڪڙو مقامي حڪومت کي ڏنو وڃي. مقامي حڪومتن ڏني ويندڙ 70 سيڪڙو رقم 82 سيڪڙو آبادي جي بنيادي ورھائي وڃي. 10.3 سيڪڙو غربت، 5 سيڪڙو ريوينو ڪليڪشن جي حساب سان مقامي حڪومت کي ڏني وڃي. صوبائي حڪومتن کان منصوبا بندي، ماسٽر پلان، لينڊ ڪنٽرول کاتن، بلڊنگ، ڪنسٽريڪشن جي مئنيجمينٽ مقامي حڪومتن کي ڏني وڃي. ڪچي آبادين جي بھتري، اپگريڊيشن، بنيادي ڍانچي جي ترقي، پبلڪ ٽرانسپورٽ، لوڪل پوليس، اسڪول ايجوڪيشن، صحت، اسپتال، فوڊ ڪنٽرول، آءِ ٽي کي فروع ڏيڻ، انٽرٽينمينٽ، اسپورٽس، ثقافت، ميوزيم، آرٽ گيليري، لائبريريز جي به مقامي حڪومتن کي ذميواري ڏني وڃي.  اھڙي طرح بل ۾ تجويز ڪيو ويو آھي ته واٽر سپلائي، ڊرينيج نظام کي بھتر ڪرڻ، پبلڪ ھيلٿ، سينيٽيشن، ويسٽ مئنيجيمنٽ، فلڊ ڪنٽرول، فائر سروسز ۽ سول ڊفينس به مقامي حڪومتن جي حوالي ڪيا وڃن

لاڳاپيل پوسٽون

  • ميرپورخاص نوجوان فوت، تشدد جي تصديق

  • نينگري سان ڏاڍائي ڪوشش، جوابدار گرفتار

  • حيدرآباد : سنڌوءَ ۾ وهنجندي نوجوان ٻڏي ويو

  • راجا رزاق جو شعر، ايوان ۾ ٽهڪڙا، متحده ناراض