| ڪراچي: لاهور ويندڙ شارٽ ٽرم اغوا: 8600 ڊالر ڦر |
ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ گلستان جوهر جي رهواسي نوجوان متعال خان سان شارٽ ٽرم اغوا ۽ ڦر جي واردات، جاچ شروع. ان ڏس ۾گلستان جوهر جي رهواسي متعال خان چيو ته هڪ ڏينهن اڳ آئون رات ساڍا 8 وڳي لاهور وڃڻ لاءِ گهر کان ايئرپورٽ لاءِ آن لائين ٽيڪسي ۾ نڪتس، ايئرپورٽ ويجهو ڊرائيور پيٽرول ڀرائڻ لاءِ گاڏي روڪي، اسان جيئن ئي ايئرپورٽ طرف روانا ٿياسين ته اڇي رنگ جي ڊبل ڪيبن گاڏي رستو روڪي ورتو ، جنهن مان 4 هٿياربند لهي آيا. متاثر نوجوان موجب هٿياربندن الزام لڳايو ته تو پنهنجي گاڏي سان ڊي آءِ جي جي ماڻهو کي ٽڪر هنيوآهي . منهن ماري بعد هٿياربند مون کي پنهنجي گاڏي ۾ ويهاري کڻي ويا. جوابدارن موبائل فون کسي ڊجيٽل اڪائونٽ چيڪ ڪيو ۽ ان مان 8600 آمريڪي ڊالر پنهنجي اڪائونٽ ۾ منتقل ڪري ورتا، جوابدارن منهنجي دوستن کي فون ڪري به رقم جي ادائيگي جو مطالبو ڪيو. نوجوان موجب جوابدارن لڳ ڀڳ ڏيڍ ڪلاڪ تائين مختلف هنڌن تي گهمايو، ان دوران جسماني ۽ ذهني تشدد جو نشانو بڻايو، رات يارهين وڳي ڌاري ڪورنگي انڊسٽريل ايريا ۾ ڦٽو ڪري فرار ٿي ويا. هن وڌيڪ ٻڌايو ته جوابدار ٻه موبائل فون ۽ ٻيو سامان به کسي ويا. ٻئي پاسي ايئرپورٽ پوليس شارٽ ٽرم اغوا جي ڪيس ۾ متعال خان جي فرياد تي ڪيس داخل ڪري ورتو آهي.