ڪراچي: لنڊا ڪپڙن جي گدام کي باهه: 2 فائرمين زخمي: 3 ماڙ عمارت پٽ

ڪراچي: لنڊا ڪپڙن جي گدام کي باهه: 2 فائرمين زخمي: 3 ماڙ عمارت پٽ

ملير (رپورٽر) ڪراچي ايڪسپورٽ پروسيسنگ زون ۾ لنڊي جي ڪپڙن جي گدام اچانڪ باھ لڳي وئي، 2 فائر مين زخمي, 3 ماڙ عمارت ڊهي پٽ، ان ڏس ۾   ڪراچي ايڪسپورٽ پروسيسنگ زون ۾ لنڊي جي ڪپڙن جي گدام کي اوچتو باھ لڳي وئي، باھ جي شدت سبب ايڪسپورٽ پروسيسنگ زون پورٽ قاسم کان  10 فائر برگيڊ گاڏين کي طلب ڪيو ويو، ڏسندي ڏسندي باهه سموري عمارت کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو،  گدام ۾ ڪم ڪندڙ مزدورن کي ٻاھر ڪڍيو ويو، باھ وسائڻ دوران 2  فائر فائٽر عبدالرب ۽ منصور زخمي ٿيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو  ويو،  باھ سبب ڪروڙين رپين جو نقصان ٿيو، 3 ماڙ بلڊنگ ڊھي پٽ پئجي وئي، ڇهن ڪلاڪن بعد باھ تي ضابطو آندو ويو، ٻئي طرف ڪراچي ايڪسپورٽ پروسيسنگ زون جي چيئرمين فريدون اڪرم شيخ واقعي واري هنڌ پهچي ريسڪيو جي عمل جو جائزو ورتو ، هن چيو ته باھ کي ڀرپاسي جي فيڪٽرين ڏانهن وڌڻ کان روڪيو ويو آھي،. ٻئي طرف وڏي وزير سيد مراد علي شاهه باهه واقعي جو نوٽيس وٺي رپورٽ طلبي ورتي