لينڊ اسڪينڊل: اڳوڻو چيف سيڪريٽري صديق ميمڻ 7 ڊسمبر تي طلب

نومبر 14, 2023

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي اڳوڻي چيف سيڪريٽري سميت 12 جوابدارن خلاف سرڪاري زمين جعلسازي ذريعي وڪرو ڪرڻ واري ڪيس ۾ علي حسن بروهي پيش نه ٿيو، عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي شاھدن ۽ سمورن جوابدارن کي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

ٻڌڻي  دوران اڳوڻو چيف سيڪريٽري صديق ميمڻ، اڳوڻو صوبائي سيڪريٽري مصطفيٰ سھاڳ ۽ ٻيا پيش ٿيا، جڏهن ته علي حسن بروهي جي پيش نه ٿيڻ سبب ڪيس جي ڪارروائي نه ٿي سگهي

عدالت شاھدن ۽ سمورن جوابدارن کي 7 ڊسمبر تي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي، عدالت ۾ نيب پراسيڪيوٽر موقف اختيار ڪيو ته جوابدارن سرڪاري زمين جي غيرقانوني الاٽمينٽ ڪري قومي ناڻي کي 55 ڪروڙن جو نقصان رسايو

 ريفرنس ۾ اڳوڻو چيف سيڪريٽري صديق ميمڻ، غلام عباس سومرو، اڳوڻو سيڪريٽري لينڊ يوٽيلائيزيشن عبدالقدير ميمڻ، اڳوڻو ايڊيشنل سيڪريٽري لينڊ يوٽيلائيزيشن غلام مصطفيٰ سهاڳ، موسيٰ ڪاظمي سميت 12 جوابدار شامل آهن

لاڳاپيل پوسٽون

  • ريحام خان طرفان سياسي پارٽي جو اعلان

  • لاڙڪاڻي ۾ گٽر اٿلي پيا، گوڏي جيڏو پاڻي، شهري پريشان

  • کير سان وهنجدڙ مڙس جي وڊيو وائرل

  • چليهار ڀرسان عورت سان زيادتي، جوابدار پاران ڏوهه جو اعتراف