ڪراچي مان اسٽيل مل جو اڳوڻو ملازم شميم احمد به صدارتي چونڊ جو اميدوار

مارچ 2, 2024

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ مان صدارتي چونڊلاءِ پ پ اڳواڻ آصف علي زرداري کانسواءِ  اسٽيل ملز جي رٽائرڊ  ملازم شميم احمد  نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ شميم احمد نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائيندي چيو ته آئون اسٽيل ملز جو رٽائرڊ ملازم آهيان، جنهن تي چيف جسٽس کانئس پڇاڻو ڪيو ته توهان کي نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ جي طريقيڪار جي ئي خبر ناهي؟

جنهن تي شميم احمد ناڪاري جواب ڏيندي  چيو ته آئون ڪنهن کي نٿو سڃاڻان ۽ نه ئي مون کي ڪو سڃاڻي ٿو، ان موقعي تي صحافي سوال ڪيو ته آزاد اميدوار جي نامزدگي ڪاغذ تي ڪهڙو فيصلو ٿيندو؟

چيف جسٽس جواب ڏيندي چيو ته اسان کي رڳو فارم وصول ڪرڻا آهن، رٽرننگ آفيسر ئي معاملي کي وڌيڪ ڏسندو

Leave A Comment