| ڪراچي مان اغوا ٿيل ٻالڪ گهاري مان بازياب |
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي مان اغوا ٿيل ٻالڪ گهاري مان بازياب، ايس ايس پي اولهه طارق الاهي مستوئي موجب نيو ناظم آباد مان اغوا ٿيل 2ورهين جي معصوم ٻار آذان علي خان کي گهارو مان بازياب ڪرايو ويو آهي، آذان علي خان کي ٻه ڏينهن اڳ نيو ناظم آباد مان موٽرسائيڪل سوار جوابدار مبينا طور اغوا ڪري ويو هو. منگهوپير پوليس گهارو ۾ ڪارروائي ڪندي ٻار کي بازياب ڪرائي ورتو. قانوني ڪارروائي مڪمل ٿيڻ بعد ٻار کي سندس والدين حوالي ڪيو ويندو،