ڪراچي مان سمورا بس ٽرمينل ٻاهر منتقل ڪري ڇڏيا: عدالت ۾ رپورٽ

  ڪراچي مان سمورا بس ٽرمينل ٻاهر منتقل ڪري ڇڏيا: عدالت ۾ رپورٽ

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ لياقت آباد ۾ غير قانوني بس اڏن خلاف درخواست اڪلائي ڇڏي، عدالت ريجنل ٽرانسپورٽ کاتي ۽ ٽريفڪ پوليس جي رپورٽ بعد درخواست اڪلائي، سرڪاري وڪيل چيو ته عدالتي حڪمن مطابق الڪرم سڪوائر کان بس اڏا ختم ڪرايا ويا آهن، ٽريفڪ پوليس پاران رپورٽ به عدالت ۾ جمع ڪرائي وئي هئي، درخواست جو مقصد پورو ٿي چڪو آهي ان ڪري درخواست اڪلائي وڃي، سمورا بس ٽرمينل شهر کان ٻاهر منتقل ڪيا ويا آهن، درخواستگذار جي وڪيل چيو ته سپريم ڪورٽ سموري شهر مان بس اڏي کي ختم ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو.