| ڪراچي مان سيڪيورٽي گارڊ جو تشدد ٿيل لاش هٿ |
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي وسندي منگهوپير مان سيڪيورٽي گارڊ جو لاش هٿ، پوليس موجب نيا ناظم آباد جي بلاڪ ”ڪي“ ۾ ڪريش پلانٽ ويجهو 39 سالن جو سيڪيورٽي گارڊ خان افضل ولد جهانزيب جو لاش هٿ آيو، پوليس موجب سيڪيورٽي گارڊ کي منهن ۽ مٿي ۾ ڌڪ لڳل آهن. وارثن پاران قتل جو شڪ ظاهر ڪيو ويو آهي.