| ڪراچي مان واپاري جو اغوا ڄاڻايل نوجوان پٽ قتل: لاش سڙيل حالت ۾ هٿ |
ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي مان واپاري جو اغوا ڄاڻايل نوجوان پٽ قتل: سڙيِل لاش هٿ، ان ڏس ۾ فيروزآباد مان اغوا ٿيل نوجوان مير رضا علي جو لاش گلستان جوهر جي بلاڪ 1 شاهي قلعه گرائونڊ ويجهو هٿ آيو، ريسڪيو عملدارن موجب25 ورهين جي مير رضا علي کي تشدد بعد فائرنگ ڪري قتل ڪيو ويو، پوليس جو چوڻ آهي ته لاش ڪجهه ڏينهن پراڻي لڳي رهيو آهي، جيڪو ڪيترن هنڌن تان سڙيل پڻ هو، هوڏانهن مقتول نوجوان جي پيءَ مير حسين علي فيروزآباد ٿاڻي تي اغوا جو ڪيس داخل ڪرايو هو، فريادي موجب ته هو پي اي سي ايڇ جو رهواسي آهي، ڪارو بار ڪندو آهي, پٽ بهادر آباد مان پنهنجي دڪان تان واپس آيو، 10 منٽن بعد واپس اچڻ جو چئي گهر مان ٻاهر نڪتو، جنهن بعد سندس لاش مليو آهي