| ڪراچي مان گم ٿيل واپاري جو لاش هٿ: قتل ۾ سئوٽ ملوث نڪتو: 3 سوگها |
ڪراچي(رپورٽ: حبيب جمالي) ڪراچي مان گم ٿيل واپاري جو لاش هٿ، قتل ۾ سندس سوٽ ملوث نڪتو، پوليس موجب ايف بي ايريا جي فليٽ مان لاپتا ٿيل واپاري ريحان احمد جو لاش هٿ اچي ويو، جڏهن ته قتل جي واردات ۾ ڪو ٻيو نه پر سندس ڪزن ملوث نڪتو آهي. پوليس موجب ايف بي ايريا واسي ليبارٽري مشينن جو ڪاروبار ڪندڙ واپاري 10 ڏينهن اڳ گم ٿي ويو هو، سندس پٽ روحان خان جي فرياد تي 13 اپريل تي جوهرآباد ٿاڻي تي اغوا جو ڪيس داخل ڪيو ويو هو. پوليس جاچ دوران مختلف سي سي ٽي وي ڪيميرائن جون رڪارڊنگون چيڪ ڪيون ، جن مان معلوم ٿيو ته ريحان 11 اپريل جي شام پنهنجي ڪزن سيد فيصل ڪريم سان گڏ ڪار ۾ روانو ٿيو هو. پوليس شڪ جي بنياد تي جوابدار سيد فيصل ڪريم کي حراست ۾ وٺي جاچ شروع ڪئي. پڇا ڳاڇا دوران جوابدار اهم انڪشاف ڪيا ۽ ٻڌايو ته هو ريحان احمد کي اڳواٽ رٿابندي تحت پاڻ سان گڏ وٺي ويو ۽ بعد ۾ کيس جوابدار ضياءُ الله عرف نجيب عرف حيدر حوالي ڪيو. جوابدار فيصل موجب ضياءُ الله سان گڏ 3 کان 4 ساٿي به فليٽ ۾ موجود هئا، جن ريحان احمد تي تشدد ڪري کيس فليٽ ۾ بند ڪري ڇڏيو. سيد فيصل موجب بعد ۾ ضياءُ الله مون کي سهراب ڳوٺ پل وٽ لاٿو، جتان آئون نيو ڪراچي ۾ پنهنجي گهر هليو ويس. پوليس موجب جوابدار جي نشاندهي تي پوليس ابوالحسن اصفهاني روڊ تي واقع هڪ بند فليٽ تي ڇاپو هنيو، جتان ريحان احمد جو لاش هٿ آيو. پوليس موجب واقعي جا سڀئي ثبوت گڏ ڪري لاش قانوني ڪارروائي لاءِ اسپتال منتقل ڪيو. پوليس موجب اغوا ۽ قتل ۾ ملوث وڌيڪ 2 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جڏهن ته 2 کان 3 جوابدارن جي ڳولا جاري آهي