ڪراچي مان گم ٿيل ٻالڪ جو لاش گٽر مان هٿ

  ڪراچي مان گم ٿيل ٻالڪ جو لاش گٽر مان هٿ

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي مان گم ٿيل ٻالڪ جو لاش گٽر مان هٿ، انتظاميا جي لاپرواهي هڪ وڌيڪ ٻالڪ کان حياتي کسي ورتي، ان ڏس ۾ سائيٽ سپر هاءِ وي جي صنعتي علائقي جي فقيرا ڳوٺ ۾ لڪي اسٽار هوٽل ڀرسان کليل مين هول مان 5 ورهين جي ٻار جو لاش مليو. اطلاع تي پوليس ۽ ريسڪيو ادارا پهچي ويا، ٻار جو لاش قانوني ڪارروائي لاءِ لاڳاپيل ٿاڻي منتقل ڪيو ويو۔ فوتي ٻار جي سڃاڻپ فقير ڳوٺ واسي 5 ورهين جي احسن ولد نويد طور ٿي،پوليس ٻڌايو ته ٻار آچر جي شام کان گم هو، سومر تي ٻار جو لاش کليل مين هول مان مليو. پوليس موجب خدشو آهي ته ٻار کيڏندي کليل مين هول ۾ ڪري فوت ٿيو، فوتي ٻار جي وارثن ڪنهن به قسم جي قانوني ڪارروائي کان انڪار ڪري ڇڏيو ، جنهن بعد پوليس لاش وارثن حوالي ڪري ڇڏيو