ڪراچي مان 4 را ايجنٽ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
جُون 25, 2025
ڪراچي (پنهنجي ڊيسڪ ) ايس آءِ يو جي حساس ادارن سان گڏجي قائد آباد واري علائقي ۾ ڪارروائي ڪندي 4 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي، ايس ايس پي، ايس آءِ يو شعيب ميمڻ جي پريس ڪانفرنس ٻڌايو ته جوابدارن ۾ محمد خان، جمن ملاح، اختر فوجي ۽ ٻيا شامل آهن
جوابدار را جا ايجنٽ آهن، هڪ جوابدار اختر فوجي ڀارتي فوجي ڪرنل سان رابطي ۾ هو
اختر فوجي حساس معلومات را کي ڏني آهي، حساس هنڌن جي جيئو ٽيگ لوڪيشن ڪرنل رنجيت کي اماڻي وئي
جوابدار سجاول کان انڊيا ويا هئا، جوابدارن کي رقم، شراب ۽ سگريٽ به معاوضي طور ڏنا ويندا هئا
جوابدارن جي قبضي مان دستي بم، هٿيار ۽ ٻيو سامان هٿ ڪيو ويو
جوابدارن وٽان هٿ آيل گاڏي به ڦر جي آهي، جوابدار سمنڊ رستي انڊيا ويندا هئا
جوابدارن جو تعلق جاتي سان آهي ۽ مهاڻا آهن، جوابدار انتهائي غريب آهن، جوابدارن کي شراب مٺائي ۽ ٻيو سامان ڏنو ويندو هو.
جوابدار بن قاسم ۽ سجاول جي اهم فوجي هنڌن، چرپر ۽ ٻي معلومات انڊيا کي ڏيندا هئا، محمد خان موريو 2009ع کان انڊيا لاءِ ڪم ڪندو هو، جوابدار کي تربيت به ڏني ويندي هئي، محمد خان 20 کان وڌيڪ ۽ اختر فوجي 6 ڀيرا انڊيا وڃي چڪو آهي.