ڪراچي: مبينا مقابلا ،2 ڦورو مارجي ويا
جُون 22, 2025
ڪراچي ( پنهنجي ڊيسڪ ) ڪراچي جي علائقي ڪورنگي انڊسٽريل ايريا ۾2 ڌار ڌار مبينا مقابلا، 2 ڦورومارجي ويا، پوليس جي رپورٽ مطابق ڪورنگي جي ويٽا چورنگي وٽ مبينا مقابلي ۾ هڪ ڦورو مارجي ويو ۽ ٻيو زخمي ٿي ٿي پيو، جنهن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي هن دم ڌڻي حوالي ڪيو، پوليس موجب گودام چورنگي ويجهو ٻئي پوليس مقابلي دوران زخمي جوابدار به اسپتال ۾ فوت ٿي ويو، پوليس موجب مبينا مقابلي دوران مارجي ويل جوابدارن جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي .