| ڪراچي: ملازمه سان زيادتي جو ڪيس داخل نه ڪندڙ ايس ايچ او معطل |
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي علائقي گلشنِ معمار ۾ گهريلو ملازمہ کي اغوا ڪري زيادتي جو نشانو بڻايو ويو. پوليس زيادتي ۾ ملوث مرڪزي جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو آهي، جنهن جي سڃاڻپ شاهي سردار جي نالي سان ٿي آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته متاثرہ گهريلو ملازمہ جنهن رهائشي اپارٽمينٽ جي فليٽ ۾ ڪم ڪندي هئي، گرفتار جوابدار ساڳئي رهائشي اپارٽمينٽ يونين جو اڳوڻو صدر پڻ رهي چڪو آهي. واقعي ۾ هڪ ٻيو نامعلوم جوابدار فرار آهي، جنهن جي گرفتاري لاءِ ڪوششون جاري آهن. ٻئي طرف ايف آءِ آر داخل ڪرڻ ۾ دير بابت شڪايت تي آءِ جي سنڌ گلشنِ معمار ٿاڻي جي ايس ايڇ او سب انسپيڪٽر محمد ثاقب کي معطل ڪري عهدي ۾ تنزلي جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا آهن. آءِ جي سنڌ ايس ايس پي ويسٽ کي هدايت ڪئي آهي ته متاثر ناري کي انصاف فراهم ڪرڻ ۾ دير بابت جاچ ڪئي وڃي. هوڏانهن صوبائي وزير شاهينه شير علي متاثر ناري سان ملاقات لاءِ سندس گهر پهتي. صوبائي وزير ناري کان افسوسناڪ واقعي بابت تفصيل ورتا ۽ لاڳاپيل ايس ايڇ او طرفان ڪيس وقت سر داخل نه ڪرڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. صوبائي وزير شاهينه شير علي چيو ته حڪومت طرفان متاثر ناري ۽ سندس ڪٽنب کي مڪمل قانوني مدد فراهم ڪئي ويندي. هن چيو ته نياڻين سان زيادتي ڪندڙ وحشي درندا ڪنهن به قسم جي رعايت جا مستحق ناهن، واقعي جي شفاف انڪوائري ڪرائي ويندي