ڪراچي: ملير جيل مان ۾ زلزلي دوران 200 قيدي فرار ٿي ويا
جُون 3, 2025
ڪراچي(پنهنجي ڊيسڪ) ڪراچي ۾ زلزلي دوران جي ملير جيل ۾صورتحال سومر جي رات خراب ٿي وئي.
جنهن ڪراچي شهر جي مختلف علائقن ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا.
انهي وقت ملير جيل انتظاميا زلزلي دوران نقصان کان بچڻ لاءِ قيدين کي بيرڪن کان ٻاهر ويهاريو ته قيدين ۽ پوليس آفيسرن ۾ جهيڙو ٿي پيو،
جيل ۾ مقرر اهلڪارن کان قيدين هٿيار ڦري ورتا ۽ حالتن تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ فائرنگ ڪيل فائرنگ دوران ڀاڄ پئجي وئي، جنهن جو فائدو وٺندي 200 کان وڌيڪ قيدي فرار ٿي ويا.
هڪ قيدي مارجي ويو، 5 اهلڪار زخمي
ڪراچي: ملير جيل ۾ پيش آيل واقعي ۾ هڪ قيدي مارجي ويو، جڏهن ته 3 قيدي، 3 ايف سي اهلڪار ۽ 2 جيل پوليس اهلڪار زخمي ٿيا ۽ انهن کي جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو.
پوليس فرار ٿيل 80 قيدين کي ٻيهر گرفتار ڪري ورتو
ڪراچي: شروعاتي رپورٽن موجب زلزلي جي ڪري جيل جي بيرڪن جي ڀتين ۾ ڏار پئجي ويا ۽ ڪجهه قيدي جيل جي ڀتين کي ٽوڙي فرار ٿي ويا.
پوليس موجب فرار ٿيل 50 کان وڌيڪ قيدين کي ٻيهر پڪڙيو ويو آهي. قيدين کي قذافي ٽائون، شاهه لطيف ۽ ڀينس ڪالوني مان گرفتار ڪيو ويو.
جيل سپرنٽنڊنٽ ارشد شاهه موجب ملير جيل مان 216 قيدي فرار ٿيا، فرار ٿيل قيدين مان 80 کي گرفتار ڪيو ويو ۽ 135 کان وڌيڪ قيدي اڃا تائين مفرور آهن، انهن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن. جڏهن ته ملير جيل ۾ سرچ آپريشن مڪمل ٿي ويو آهي ۽ پوليس، رينجرز ۽ ايف سي ملير جيل جو ڪنٽرول سنڀالي ورتو آهي. ذريعن موجب، ملير جيل جي گنجائش 2.400 قيدين جي آهي.
جيل جي ڀت نه ٽٽي، قيدي گيٽ مان فرار ٿيا: گهرو وزير
ڪراچي: سنڌ جي گهرو وزير ضيا لنجار جيو نيوز سان انٽرويو ۾ چيو ته ملير جيل جي ڀت نه ٽوڙي وئي آهي، قيدي گيٽ ذريعي فرار ٿي ويا آهن. شروعاتي رپورٽون هيون ته جيل جي ڀت ٽوڙي وئي آهي.
هوڏانهن سنڌ جي گهرو وزير ضيا لنجار دعويٰ ڪئي ته فرار ٿيل قيدي سنگين ڏوهن ۾ ملوث نه هئا. زلزلي جي ڪري قيدي بيرڪن مان نڪري. 700 کان 1000 قيدي جيل جي دروازي تي گڏ ٿيا ۽ قيدي جيل جو دروازو ٽوڙي فرار ٿي ويا.
هن چيو ته فساد دوران هڪ قيدي مارجي ويو ۽ 5 زخمي ٿيا. 3 ايف سي ۽ 2 جيل پوليس اهلڪار پڻ زخمي ٿيا.
گهرو وزير ضيا لنجار چيو ته جيل ۾ 6 هزار قيدي آهن، ملير جيل ۾ پيش ايندڙ واقعي ۾ غفلت ٿي سگهي ٿي. واقعي جي سببن کي سمجهڻ ۾ ڪجهه وقت لڳندو.
هن چيو ته پوليس، رينجرز ۽ ايف سي ملير جيل جو ڪنٽرول سنڀالي ورتو آهي. باقي فرار ٿيل قيدين کي جلد گرفتار ڪيو ويندو.
جيلن واري صوبائي وزير واقعي جي رپورٽ رپورٽ طلبي ورتي
ڪراچي: سنڌ جي جيلن واري صوبائي وزير علي حسن زرداري آءِ جي جيلن ۽ ڊي آءِ جي جيل کان رپورٽ طلب ڪري ورتو ۽ علائقي کي گهيري ۾ آڻڻ جو حڪم ڏنو هو
سنڌ جي جيل واري وزير هدايتون ڏنيون ته جيڪڏهن ڪو قيدي فرار ٿي ويو آهي ته ان کي هر قيمت تي پڪڙيو وڃي ۽ واقعي ۾ لاپرواهي ڪندڙ آفيسرن جي سڃاڻپ ڪري ويندي.
آچر کان وٺي ڪراچي ۾ زلزلي جا 11 لوڏا محسوس ڪيا ويا.
ڪراچي: سومر ڏينهن ٻيهر زلزلي جا جهٽڪا محسوس ڪيا ويا. جڏهن ته ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ رات 12:53 تي هڪ ٻيو زلزلو محسوس ڪيو ويو، جنهن جي شدت 3.4 رڪارڊ ڪئي وئي. لانڍي ۾ زلزلي سبب ڪيترن ئي گهرن جي ڀتين ۾ ڏار پئجي ويا ۽ شهري خوف ۾ گهرن مان ٻاهر نڪري آيا.