ڪراچي: منشيات مافيا جي سرپرست ايڪسائيز آفيسر سوڌو 14 سوگها: 28 ڪروڙن جي منشيات هٿ

  ڪراچي: منشيات مافيا جي سرپرست ايڪسائيز آفيسر سوڌو 14 سوگها: 28 ڪروڙن جي منشيات هٿ

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي مان  منشيات مافيا جي سرپرست ايڪسائيز آفيسر سميت 14 جوابدار گرفتار، 28 ڪروڙن جي منشيات  هٿ آئي. گھرو وزير ضياءُ الحسن لنجار پوليس ٽيم لاءِ 10 لک رپين جي انعام جو اعلان ڪندي  چيو ته رائونتي جي ڪچي ۾ وڏو آپريشن ڪنداسين، ڌاڙيلن خوشي سان هٿيار ڦٽا نه ڪيا،  ڪالهه ايڪسائيز واري وزير مڪيش ڪمار چاولا ۽ ايڊيشنل آِ جي ڪراچي جاويد عالم اوڍو سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته انٽيليجنس معلومات جي بنياد تي ڇاپا هڻي 508 ڪلوگرام کان وڌيڪ منشيات ضبط ڪئي وئي، آپريشن دوران 468 پيڪٽ چرس ۽ 540 پيڪٽ آئيس هٿ آيا. گلستان جوهر ۽ پاڪ ڪالوني ۾ مختلف ڪاررواين ۾ ڪل 14 جوابدارن سيف الرحمان، جاويد رشيد، عبدالرشيد، عرفان، محمد فراز، نعمان، طلحه ، بلال، ثاقب، نجيب، شير زمان محمد ثاقب، عبدالرئوف ۽ شاهجهان کي گرفتار  ڪيو ويو. گرفتار ٿيلن ۾ اي اي ٽي او جاويد شيخ به شامل آهي، جنهن جي گهر مان 50 ڪلوگرام چرس ۽ 10 ڪلوگرام آئس هٿ ڪئي وئي. گرفتار جوابدارن جو تعلق بلوچستان سان آهي. گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار چيو ته ايڪسائيز کاتي جي 28  ملازمن کي گرفتار ڪري نوڪرين مان برطرف ڪيو ويو.  هن چيو ته پوليس ڪراچي ۾ امن کي بهتر بڻائڻ لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکندي. شهر جي ملٽي نيشنل آبادي پوليس لاءِ وڌيڪ چيلينج پيدا ڪري ٿي. پوليس جي ڪارڪردگي ايندڙ سال وڌيڪ بهتر ٿيندي. هن هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته ڌاڙيلن خوشي سان هٿيار ڦٽا نه ڪيا ته اهي جيل ويندا ۽ عدالتن کي منهن ڏيندا،  پوليس ڌاريلن جي ڳوٺن کي تباهه ۽ برباد ڪري ڇڏيو ھو، انڪائونٽر ڪيا. جن ڌاڙيلن هٿيار ڦٽا ڪيا .انهن مان 11 ڌاڙيلن جي سر تي انعام رکيل هو، هن چيو ته رائونتي جي ڪچي ۾ پوليس جي مڪمل رسائي ناهي، آپريشن جو پلان ٺاهيون ٿا، ڪجهه ڏينهن اندر وڏو آپريشن ڪنداسين.