ڪراچي ميئر جي چونڊ روڪڻ واري حافظ نعيم الرحمان جي درخواست رد

جُون 14, 2023

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ حافظ نعيم الرحمان جي ميئر جي چونڊ روڪڻ واري درخواست رد ڪري ڇڏي

درخواست تي ٻڌڻي دوران جماعت اسلامي ۽ پ پ جي وڪيلن سميت ايڊوڪيٽ جنرل ۽ اليڪشن  ڪميشن جو  نمائندو پيش ٿيا

جماعت اسلامي جي وڪيل چيو ته آرٽيڪل 140 اي موجب ڪو به غير چونڊيل نمائندو ميئر چونڊجي نٿو سگھي، نوٽيفڪيشن ۾ واضح ٿيل آھي ته اليڪشن ۾ چونڊيل نمائندو ئي ميئر ٿي سگھندو

عدالت رمارڪس ۾ چيو ته مڪاني چونڊن واري نئين قانون خلاف درخواست تي جيڪو به فيصلو ٿيندو اهو ميئر، ڊپٽي ميئر سميت سڀني تي لاڳو ٿيندو، في الحال سڀ اميدوار اليڪشن ۾ حصو وٺي سگھن ٿا

عدالت اليڪشن ڪميشن جي نوٽيفڪيشن جي معطلي واري درخواست ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي 22 جون تائين ملتوي ڪري ڇڏي

Leave A Comment