| ڪراچي: ميئر پاران سمورن گٽرن تي ڍڪڻ لڳائڻ جو حڪم |
ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي ميئر بيرسٽر مرتضيٰ وهاب نيپا واقعي بعد هدايت ڪئي آهي ته بنا ڍڪ يا خراب مين هولز جي فوري نشاندهي ڪري ڍڪڻ لڳائڻ لاءِ هنگامي آپريشن شروع ڪيو وڃي۔ ڪا به ٽائون يا علائقو رهجڻ نه گهرجي.ڪالهه اجلاس کي خطاب ڪندي هن ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج ڪارپوريشن کي هدايت ڪئي ته 1000 مين هولز فوري طور ڪي ايم سي جي سٽي وارڊنز ۽ انجنيئرنگ ڊپارٽمينٽ حوالي ڪيا وڃن ته جيئن مرمت جو ڪم بنا ڪنهن دير جي شروع ٿي سگهي، هوڏانهن ڪي ايم سي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ سيف الدين ايڊووڪيٽ جي سربراهي ۾ واٽر اينڊ سيوريج ڪاميٽي نيپا واقعي واري هنڌ جو دورو ڪيو۔ سيف الدين ايڊووڪيٽ چيو ته چار ڏينهن گذرڻ باوجود ذميوارن جو پتو نه پئجي سگهيو آهي، ميئر ۽ انتظاميه مڪمل لاپرواهي ڏيکاري آهي، سيف الدين ايڊووڪيٽ موجب ٽرانس ڪراچي ۽ واٽر بورڊ هڪٻئي کي ذميوار قرار ڏئي رهيا آهن، هن چيو ته معاملو ٿڌو ڪرڻ لاءِ ڪجهه آفيسرن کي معطل ڪيو ويو آهي، اصلي ذميوار اڃا تائين نامعلوم آهن.