ڪراچي (پنهنجي ڊيسڪ) ڪراچي ميٽرو پوليٽن ڪارپوريشن جي ڪائونسل جو پهريون اجلاس ئي هنگامي جي ور چڙهي ويو
ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب جي صدارت ۾ پهريون اجلاس ٿيو، جنهن ۾ جماعت اسلامي ۽ پ پ جا چونڊيل نمائندا آمهون سامهون اچي ويا
پهرين اجلاس ئي شديد هنگامي جي ور چڙهي ويو، جماعت اسلامي ۽ پ پ جي چونڊيل نمائندن پاران نعريبازي ڪئي وئي
جماعت اسلامي جا ميمبر ڪراچي کي حق ڏيو جا بينر کڻي شريڪ ٿيا