| ڪراچي ميٽرڪ بورڊ جي نااهلي: بائلاجي جو پيپر آئوٽ |
ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ميٽرڪ بورڊ انتظاميا جي نااهلي، ڏهين ڪلاس جي سالياني امتحان جو پيپر وقت کان 30 منٽ اڳ آئوٽ ٿي ويو. ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب ڪراچي ۾ ميٽرڪ بورڊ جي انتظامن هيٺ هلندڙ نائين ۽ ڏهين ڪلاسن جي امتحانن ۾ شفافيت بابت بورڊ اختيارين پاران ڪيل سموريون دعوائون وائکيون ٿي ويون آهن. ڪالهه ڏهين ڪلاس جو حياتيات ( بائلاجي) وارو پيپر 30 منٽ اڳ آئوٽ ٿي ويو، سوالنامو آئوٽ ٿيڻ کانپوءِ واٽس ايپ گروپن تي به وائرل ٿي ويو. واضح رهي ته انهي کان اڳ مارننگ شفٽ ۾ ٿيل ڪمپيوٽر اسٽيڊيز جو سوالنامو پڻ آئوٽ ٿي ويو هو.